اسرائيل قطر تي ٻيھر حملو نہ ڪندو: ٽرمپ” حماس اڳواڻ جتي بہ ھوندا نشانو بڻائينداسين: نيتن ياھو

فہرستِ مضامین

اسرائيلي حملي تي قطر ۽ ٻن مسلمان ملڪن طرفان سخت رد عمل کانپوءِ ٽرمپ قطر کي خاطري ڪرائي تہ اسرائيل ٻيھر دوحہ تي حملو نہ ڪندو پر نيتن ياھو خبردار ڪيو تہ حماس اڳواڻ جتي بہ ھوندا، اسرائيل اُنھن کي نشانو بڻائيندو، پاڪستان جي وزير اعظم شھباز شريف جي 25 سيپٽمبر تي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جا امڪان آھن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ اسرائيل ٻيھر قطر تي حملو نہ ڪندو،  قطر اسان جو اتحادي ملڪ آھي، حماس يرغمالين کي ڍال نہ بڻائي، ٻي صورت ۾ نتيجا سنگين نڪرندا.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ حماس يرغمالين کي اسرائيلي فوج خلاف ڍال طور استعمال ڪري رھيو آھي.

سندس چوڻ ھو تہ حماس اڳواڻن کي خبر ئي ناھي تہ يرغمالين کي ڍال طور استعمال ڪرڻ واري قدم جا سنگين نتيجا نڪرندا.

ھن چيو تہ اھڙي قسم جو ظلم دنيا ۾ گھٽ ڏٺو آھي، يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ طئي ٿيل شرط ختم سمجھيا ويندا.

ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ اسرائيل ٻيھر قطر تي حملو نہ ڪندو،  قطر سندن اتحادي ملڪ آھي.

حماس اڳواڻ جتي بہ ھوندا نشانو بڻائينداسين: نيتن ياھو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو حماس خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آھي تہ حماس جا اڳواڻ جتي بہ ھوندا، کين نشانو بڻايو ويندو، ھر ملڪ کي سرحد کان ٻاھر بہ پنھنجي دفاع جو حق آھي.

يرو شلم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيتن ياھو چيو تہ دوحا ۾ ٿيل حملو اسرائيل پاڻ ڪيو آھي، ان ۾ آمريڪا جو ڪو بہ ڪردار نہ ھو، ھو پنھنجي سرحدن کان ٻاھر بہ ملڪ جو دفاغ ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

ھن چيو تہ ھو پنھنجي ملڪ جو دفاغ ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ان لاءِ ھو سرحد کان ٻاھر بہ ڪارروائي ڪري سگھن ٿا.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو اعلان ڪندي چيو تہ حماس جا اڳواڻ ڀلي ڪٿي بہ ھجن پر کين معاف نہ ڪيو ويندو.

نيتن ياھو جي ان بيان کان اڳ وائيٽ ھائوس چيو ھو تہ صدر ٽرمپ قطر کي خاطري ڪرائي آھي تہ سندن سرزمين تي ائين ٻيھر نہ ٿيندو.

وزيراعظم جي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جا امڪان

پاڪستان جو وزير اعظم شھباز شريف دوحہ جي دوري کانپوءِ آمريڪا روانو ٿيندو، جتي 25 سيپٽمبر تي شھباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جا امڪان آھن.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ گڏيل قومن جي دوري دوران وزيراعظم شھباز شريف ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ملاقات ٿي سگھي ٿي، ٻنھي اڳواڻن جي ملاقات قطر ۽ سعودي عرب جي صلاح مشوري ۽ حمايت سان ٿيندي

پاڪستاني سفارتخاني طرفان امڪاني ملاقات بابت ڪنھن بہ قسم جي تبصري کان انڪار ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ آمريڪا بہ ڪو بيان جاري ناھي ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں