اسرائيل غزه پٽي تي مڪمل قبضي لاءِ منصوبابندي مڪمل ڪري ورتي، اسرائيلي فوج جي سربراهه ايال زامير غزه تي مڪمل قبضو ڪرڻ لاءِ آپريشن “عربات جدعون” شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
غزه ۾ هڪ پاسي اسرائيل پاران فلسطينين تي حملا جاري آهن ته ٻئي پاسي اهڙيون خبرون به سامهون اچي رهيون آهن ته اسرائيل غزه پٽي تي مڪمل قبضي جي تياري ڪري ورتي آهي.
ان سلسلي ۾ اسرائيلي فوج جي سربراهه ايال زامير جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غزه پٽي تي مڪمل قبضي جي منصوبابندي تي غور ويچار ڪيو ويو، فوجي سربراهه ان رٿا کي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ اها رٿا ايندڙ اڱاري تي اسرائيلي بچاءَ واري وزير جي اڳيان پيش ڪئي ويندي.
ايال زامير غزه ۾ ڏکڻ ڪمانڊ جو دورو ڪيو، جتي هن ٻڌايو ته آپريشن “عربات جدعون” جو ايندڙ مرحلو جلد ئي هڪ سوچي سمجهي فوجي حڪمت عملي تحت شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج زمين، سمنڊ ۽ ھوا – ٽنهي محاذن تي پنهنجي پوري طاقت سان حماس تي سخت حملا ڪندي.
اسرائيل نئين رٿا ذريعي حاصل ڇا پيو ڪرڻ چاهي؟
اسرائيلي فوج موجب، رٿا تحت سڀ کان پهرين انهن علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي اڃا تائين مڪمل طور تباهه ناهن ٿيا، جيڪي تقريبن 25 سيڪڙو ايراضي تي پکڙيل آهن.
رٿا جي پهرين مرحلي ۾، اسرائيلي زميني فوج غزه ۽ اتر وارن ضلعن ۾ داخل ٿيندي، جنهن کان پوءِ مختلف پاسن کان زميني يلغار ڪئي ويندي ته جيئن انهن علائقن کي باقي حصي کان ٻيهر ڪٽي سگهجي.

ميڊيا رپورٽن موجب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اسرائيلي فوج 7 آڪٽوبر کان غزه شهر جي دل ۾ زميني ڪارروائي شروع ڪري سگهي ٿي، جيڪا 4 کان 5 مهينن تائين جاري رهي سگهي ٿي.
غزه شهر ۽ ان جي اولهه پاسي هن وقت لڳ ڀڳ 10 لک فلسطيني پناهه ورتل آهن، تنهن ڪري ڪنهن به آپريشن ۾ وڏي جاني نقصان جو خدشو موجود آهي.
فوجي تياريون ۽ مقصد
اسرائيلي فوج جي رٿا موجب، آپريشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار فوجي ڊويزن شامل هونديون، جن ۾ مستقل بريگيڊز سان گڏ اضافي گهرايل فوجي به شامل هوندا. اسرائيل هن رٿا لاءِ 80 هزار کان 1 لک تائين اضافي فوجي سڏائڻ جو ارادو رکي ٿو.
انهن بريگيڊز ۾ جولاني بريگيڊ، غفعاتي بريگيڊ، شهري علائقن ۾ ويڙهه جي ماهر پيرا شوٽ بريگيڊ، بکتر بند يونٽس ۽ انجنيئرنگ يونٽس شامل آهن، جيڪي سرنگن ۽ مورچن کي تباهه ڪرڻ ۾ مهارت رکن ٿا.
غزه تي 75 سيڪڙو قبضي جي دعويٰ

جنگ جي ٻئي سال ۾ داخلا جو اعلان ڪندي اسرائيلي فوج چيو ته اها اڳ ۾ ئي غزه جي لڳ 75 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري چڪي آهي، ۽ باقي 25 سيڪڙو تي ڪنٽرول لاءِ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويندو.
گڏيل قومن موجب، غزه جا 86 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقا يا ته اسرائيلي فوجي ڪنٽرول ۾ آهن يا اتي جبر سان لڏپلاڻ جا حڪم جاري ٿي چڪا آهن. باقي علائقو هڪ سامونڊي پٽي تي مشتمل آهي، جيڪا اتر ۾ غزه شهر کان ڏکڻ ۾ خان يونس تائين ڦهليل آهي. هتي لکين بي گهر فلسطيني خيمن، عارضي پناهگاهن ۽ ننڍين رهائشي جڳهين ۾ رهي رهيا آهن.