اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آھي ته غزا تي مڪمل قبضي لاءِ 60 ھزار نئين ريزور فوجين جي طلبي جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن، فوج موجب 60 ھزار اھلڪارن جي طلبي کانسواءِ وڌيڪ 20 ھزار ريزور اھلڪارن جي سروس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن بھ جاري ٿيندو، ھي فيصلو جنگي ضرورتن بابت ڊگھي صلاح مشوري بعد ڪيو ويو، جنھن جي بچاءَ واري وزير پاران منظوري بھ ڏني وئي آھي.
غزا ۾ ھن وقت ڪھڙي صورتحال آھي؟
اسرائيلي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ ھن وقت غزا جي علائقي جباليا ۽ غزا سٽي جي ڀرپاسي ۾ حملا ٻيھر شروع ڪيا ويا آھن، ڇھن ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 فلسطينين کي شھيد ڪيو ويو، ٻئي پاسي عرب ميڊيا موجب شھر ۾ ڪيتريون ئي رھائشي عمارتون تباھھ ڪيون ويون آھن ۽ علائقي کي ويراني ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، صحافين ٻڌايو تھ اسرائيل شھر ۾ بلند عمارتن کي نشانو بڻائي رھيو آھي.
القسام برگيڊ طرفان حملي ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارڻ جي دعويٰ
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ پاران خان يونس ۾ ڪارروائي ۽ آپگھاتي حملي ۾ اسرائيلي فوجين کي نقصان پھچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، قطري نشرياتي اداري موجب القسام برگيڊ پنھنجي بيان ۾ چيو تھ اسرائيلي فوجين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وئي، فوجين کي ويجھو کان دستي بمن ذريعي نشانو بڻايو ويو، ھڪ اسنائپر پاران اسرائيلي ڪمانڊر کي نشانو بڻايو.
غزا سٽي تي قبضي واري منصوبي جي منظوري
پرڏيھي ميڊيا جو چوڻ آھي تھ 18 آگسٽ تي اسرائيلي فوج جي سربراھھ پاران غزا تي قبضي واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو تھ منصوبي ۾ ٻن ھفتن دوران وڏي پيماني تي فلسطينين جي نيڪالي شامل آھي، جنھن جي شروعات ھڪ فوجي آپريشن تحت ڪئي ويندي، منصوبو آمريڪي اختيارين جي درخواست تي سندن آڏو پيش ڪيو ويندو.
بيمار ۽ زخمي ٻارڙن کي برطانيه منتقل ڪرڻ جو فيصلو
غزا جي بيمار ۽ زخمي ٻارڙن کي برطانيھ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، برطانوي ميڊيا موجب پھرين مرحلي ۾ 30 کان 50 ٻارڙن کي برطانيھ منتقل ڪيو ويندو، ٻارڙن کي پرڏيھي آفيس ۽ صحت کاتي جي سھڪار سان ھلندڙ آپريشن جي حصي طور علاج لاءِ برطانيھ منتقل ڪيو ويندو، عالمي صحت واري اداري طرفان فيصلي جو حق حماس جي انتظام ھيٺ ڪم ڪندڙ صحت واري وزارت لاءِ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ڏنو ويو آھي، اھي ئي ڊاڪٽر انھن ٻارڙن کي برطانيھ موڪلڻ جو فيصلو ڪندا، ياد رھي تھ برطانيھ جي ڪجھھ پارليامينٽرين حڪومت کي خط لکي انھن ٻارڙن کي برطانيھ منتقل ڪرڻ جو چيو ھو، انھن ميمبرن جو چوڻ ھو تھ غزا ۾ صورتحال تمام گھڻي خراب ٿي چڪي آھي، بيمار ۽ زخمي ٻارڙن کي برطانيھ منتقل ڪيو وڃي.