ايران جو صدر مسعود پزشڪيان، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. هن دورو جو مقصد پاڪستان سان سالياني ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجائڻ آھي.
اسلام آباد آمد تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جو ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي عطاالله تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا. مسعود پزشڪيان کي ريڊ ڪارپيٽ استقبال سان گڏ 21 توپن جي سلامي پڻ پيش ڪئي وئي.
ان کان اڳ، ايراني صدر پنهنجي پهرين پاڪستاني دوري تي لاهور پهتو، جتي ساڻس اعليٰ سطح وفد بھ گڏ ھو. لاهور ۾ سندن آجيان اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڪئي.
علامه اقبال جي مزار تي حاضري
ايراني وفد شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري، ان موقعي تي لاهور ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. تازو پاڪستان ايران سان يڪجهتي ۽ سهڪار جي جذبي جو اظهار ڪيو، ماھرن موجب تازي تبديل ٿيندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن ۾ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهي.
سفارتي پس منظر
پرڏيهي کاتي موجب ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينھن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پھتو آھي. ھي سندس صدر طور اسلام آباد جو پهريون دورو آهي. دوري کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو هو.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف مئي جي آخر ۾ ايران جي دوري دوران ڊاڪٽر پزشڪيان سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪا دوست ملڪن جي علائقائي دوري جو حصو هئي، ان جو مقصد ڪشمير تڪرار تي ايران جي حمايت تي ٿورا مڃڻ هو.
ڊاڪٽر پزشڪيان گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان جو دورو ڪندڙ ٻيو ايراني صدر آهي، ان کان اڳ مرحوم صدر ابراهيم رئيسي اپريل 2024 ۾ پاڪستان آيو ھو ۽ ھڪ مھيني بعد ئي ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو.
واپار 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو منصوبو
ايراني سرڪاري خابرو اداري ’ارنا‘ موجب، پاڪستان روانگي کان اڳ ڊاڪٽر پزشڪيان زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سالياني واپار کي 10 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي. اپريل 2024 ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايندڙ پنجن سالن لاءِ واپاري واڌاري تي اتفاق ڪيو ويو هو.
صدر ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي سٺو قرار ڏيندي چيو ته دوري جون ترجيحون زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن وسيلي واپار کي وڌائڻ شامل آهن. هن چيو ته ايران، چين-پاڪستان راهداري وسيلي پاڪستان ذريعي ريشم روڊ سان ڳنڍجي سگهي ٿو، جيڪو ايران کان ٿيندو يورپ تائين وڃي سگهي ٿو.
هن زور ڏنو ته ايران ۽ پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي ۽ سرحدي مسئلا انتهائي اهميت رکن ٿا، علائقي ۾ امن ۽ استحڪام رڳو گڏيل سهڪار سان ئي ممڪن آهي.
پاڪستان جي حمايت ۽ جنگ دوران موقف

ڊاڪٽر پزشڪيان چيو ته پاڪستان جي آزادي کان وٺي ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستاڻا، خوشگوار ۽ بھتر لاڳاپا رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ سرحدي شعبن ۾ تعاون جاري آهي، ٻنهي قومن جي وچ ۾ ويجهو رشتو موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران-اسرائيل جنگ ۽ آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي ٺڪاڻڻ تي حملن دوران پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ هو، جنھن جارحيت جي نھ رڳو سخت مذمت ڪئي ھئي پر ايران جي خودمختياري، حڪومت ۽ عوام جي حمايت لاءِ مڪمل سهڪار جي آڇ ڪئي.
صدر اهو پڻ چيو ته دشمن مسلمانن جي وچ ۾ فرق وجهڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، پر ايران انهن سازشن کي ناڪام بڻائيندو. تهران جو مقصد ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکڻ آهي.