نيويارڪ ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) فلسطين جي صدر محمود عباس چيو آھي تہ اسرائيل جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي، اھا رڳو جارجيت نہ پر جنگي ڏوھ ۽ انسانيت خلاف ظلم آھي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي “گريٽر اسرائيل” منصوبي کي رد ڪندي سخت مذمت ڪيون ٿا.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي فلسطيني صدر محمود عباس چيو تہ فلسطيني عوام غزہ جي پٽيءَ ۾ تقريبن ٻن سالن کان اسرائيلي قابض فوج ھٿان نسل ڪشي، تباھي، بک ۽ بي دخلي جي جنگ کي منھن ڏئي رھي آھي.
ھن چيو تہ ھي نسل ڪشي اسرائيلي قابض فوج ھٿان ڪئي پئي وڃي، جنھن 2 لک 20 ھزار کان وڌيڪ فلسطنين کي شھيد ۽ زخمي ڪيو، جن ۾ اڪثريت معصوم ٻارن، عورتن ۽ پوڙھن جي آھي.
فلسطيني صدر جو چوڻ ھو تہ اسرائيلي جيڪو ڪجھ ڪري رھيو آھي، اھا جارحيت نہ پر جنگي ۽ انسانيت خلاف ڏوھ آھي، جيڪو دستاويزي شڪل ۾ رڪارڊ ۽ مانيٽر ڪيو پيو وڃي، تاريخ جي ڪتابن ۽ عالمي ضمير جي صحفن ۾ 20 ھين ۽ 21 ھين صدي جي سڀ کان خوفناڪ انساني المين ۾ شمار ٿيندو.
انتھاپسند اسرائيلي حڪومت کي آبادڪاري جي بيماري
غزہ جي صورتحال تي ڳالھائيندي محمود عباس چيو تہ انتھاپسند اسرائيلي حڪومت غير قانوني آبادين جي توسيع ۽ انھن کي ضم ڪرڻ جي منصوبن ذريعي پنھنجي آبادڪاري جي بيماري رکي وڃي.
ھن اسرائيل جي تازُ ترين اِي ون بستي منصوبي جي نشاندھي ڪئي، جنھن سان امڪاني طور تي اولھ ڪناري کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويندو، اھڙو منصوبو والاريل يروشلم کي ان جي ڀرپاسي کي الڳ ڪندو ۽ 2 رياستي حل جي امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندو، جيڪو عالمي قانون ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي ٺھرائن جي کليل ڀڃڪڙي آھي.
قطر تي حملي جي مذمت
فلسطيني اٿارٽي جي سربراھ چيو تہ اسان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي گريٽر اسرائيل جي ڪال کي رد ڪيون ٿا، ان جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ھن خودمختيار عرب رياستن ۾ توسيع ۽ ان سان گڏ قطر تي وحشياڻو حملو بہ شامل آھي، ھن قطر تي حملي کي خطرناڪ ۽ کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
فلسطيني صدر پنھنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو تہ سندن عوام گھڻو ڪجھ برداشت ڪيو آھي، ان باوجود اسان 7 آڪٽوبر تي حماس جي قدمن کي رد ڪيو آھي، اسرائيلي شھرين کي نشانو بڻائڻ ۽ يرغمال بڻائڻ، فلسطيني عوام يا ان جي آزادي توڙي آزادي واري جائز جدوجھد جي نمائندگي نٿو ڪري.
عالمي برادري جي مدد گھربل آھي
محمود عباس چيو تہ فلسطين کي عالمي برادري جي مدد گھربل آھي، جيئن حڪومتي سڌارا آڻي سگھجن، جنگ جي خاتمي جي ھڪ سال اندر صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون ڪرايون وينديون، ھن ٻڌايو تہ ھڪ ڪميٽي عبوري آئين جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي.
ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي اھم ميچ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائن ناڪام، بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ 136 رنز جو حدف ڏئي ڇڏيو