اسرائيل پاران حماس تي امن معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي شروع ڪيل بمباري جي نتيجي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 46 ٻارن سميت 104 فلسطينين شهيد ٿي ويا آھن، جنھن بعد اسرائيل اعلان ڪيو آهي ته هو جنگبندي واري معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.
پرڏيھي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج بيان ۾ چيو آهي ته هو جنگبندي واري معاهدي تي عملدرآمد ڪندا، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي ٿي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
اسرائيل گذريل رات حماس تي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائي بمباري شروع ڪئي هئي ۽ اسرائيل الزام لڳايو ھو تہ فلسطينين فوجي اھلڪار کي قتل ڪيو آھي
غزا جي صحت کاتي جي عملدارن موجب اسرائيل جي بمباري ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 104 فلسطينين شهيد ٿيا آهن.
غزا جي صحت کاتي موجب شهيد ٿيلن ۾ 46 ٻار ۽ 20 عورتون شامل آهن، جڏھن تہ ان حوالي سان جاري ڪيل وڊيو ۾ هڪ اسپتال اندر ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن جا لاشن نظر اچي رھيا آهن.
اسرائيلي فوج غزا تي تازن حملن بابت دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي ڪمانڊر سميت ڪيترن ئي ميمبرن کي نشانو بڻايو آهي، گڏوگڏ هٿيارن جا ذخيرا ۽ حماس جون سرنگهون به تباهه ڪيون ويون آهن.
بيان ۾ چيو ويو ته حماس جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اسرائيلي فوجين تي حملو ڪيو ۽ هڪ فوجي کي ماري ڇڏيو
ٻئي پاسي حماس رفح ۾ اسرائيلي فوجين تي حملي جي ترديد ڪندي چيو آھي تہ ھو جنگبندي واري معاهدي تي عملدرآمد ڪري رهيا آهن، جيڪو 10 آڪٽوبر تي لاڳو ٿيو ھو
ياد رهي ته اسرائيل پاران 7 آڪٽوبر 2023 تي غزا تي شروع ڪيل حملن ۾ ھيل تائين 69 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو زخمي يا بي گهر ٿيا آهن.