اسرائيل جي فوج جي سربراهہ ايال زمير هڪ ڀيرو ٻيهر سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي تہ اسرائيلي فوج ڪنهن بہ وقت پنهنجن دشمنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ضرورت پوڻ تي حملي کان پاسو نہ ڪيو ويندو.
تازي بيان ۾ اسرائيلي آرمي چيف چيو تہ 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس سان شروع ٿيل جنگ بعد ۾ وڏي پيماني تي پکڙجي وئي، جنهن ۾ يمن ۽ ايران سميت ٻيون بہ ڌريون بہ شامل ٿيون.
ايال زمير چيو آهي تہ اسرائيل جتي ۽ جڏھن بہ ضروري سمجھندو دشمنن خلاف ڪارروائي ڪندو۔
هن ايران تي الزام لڳايو تہ اهو اسرائيل جي خلاف سرگرم ماڻهن کي مالي ۽ فوجي مدد فراهم ڪري رھيو آهي ۽ اسرائيل کي نقصان پهچائڻ وارن منصوبن جي پويان بہ ايران جو هٿ آهي.
هن چيو تہ اسرائيل پنهنجي دفاع ۽ سلامتي لاءِ ڪنهن بہ حد تائين وڃي سگهي ٿو۔
هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏھن آمريڪي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي تہ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھُو ۽ صدر ٽرمپ ملاقات دوران ايران تي امڪاني نون حملي تي بحث ڪري سگهن ٿا۔
رپورٽن موجب اسرائيل کي ڳڻتي آھي تہ ايران پنھنجا بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ٻيھر وڌائڻ جي ۾ رڌل آھي.
ٻئي پاسي ايران بہ اسرائيل پاران ٻيھر حملي جو خدشو ظاھر ڪيو آھي، ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آهي تہ ايران تي ٻيهر حملي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.
روسي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو تہ ايران جنگ جو خواهشمند ناهي، پر جيڪڏھن جنگ مڙھي وئي تہ ايران دفاع لاءِ لاءِ تيار آهي.
هن موجب جنگ کان بچڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو اهو آهي تہ هر سطح تي تياري ڪئي وڃي.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو تہ ايران ماضي جي جارحيت سبب نقصانن جو ازالو ڪري چڪو آھي ۽ جيڪڏھن ڪا ڌر اڳوڻن ناڪام تجربن کي ورجائڻ چاھي ٿي تہ ڪنھن بھتر انجام جي اميد نہ رکڻ گھرجي.
ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ اسرائيل کي خدشو آھي تہ ايران بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي تيزي سان ڪم ڪري رھيو آھي، ان پس منظر ۾ اسرائيل آمريڪا سان امڪاني فوجي قدمن بابت مشاورت ڪرڻ چاهي ٿو.
رپورٽن موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو ايندڙ مهيني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ايران تي حملي بابت ڳالهہ ٻولهہ ڪري سگهن ٿا…