اسحاق ڊار جي قازق صدر سان ملاقات، سياسي، اقتصادي ۽ عوامي رابطا مضبوط جو عزم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايوف تقريب ۽ پرڏيھي اسحاق ڊار وچ  ۾ ملاقات ٿي آھي.

پرڏيھي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ عوامي رابطن کي ھٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

ترجمان موجب اسحاق ڊار پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اعليٰ سطح جي سياسي رابطن ۾ تيزي کي سٺو سوڻ قرار ڏنو آھي.

ملاقات ۾ خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

پرڏيھي کاتي موجب پاڪستان قازقستان سان ٻطرفي سھڪار کي وڌائڻ جو خواھشمند آھي، پاڪستان ۽ قازقستان جي لاڳاپن ۾ ھاڪاري اڳڀرائي جاري آھي.

ياد رھي تہ قازق صدر 2 ڏينھن جي سڪاري دوري تي پاڪستان ۾ موجود آھي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں