صوابي: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر چيو آھي تہ اسان کي ڀت سان نہ لڳايو وڃي، اسان کي جيئڻ نہ ڏنو ويو تہ اوھان کي بہ جيئڻ نہ ڏينداسين.
صوابي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اسد قيصر جو چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آھي.
ھن چيو تہ اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ڀت سان نہ لڳايو وڃي، جيڪڏھن اسان کي جيئڻ نہ ڏيندا تہ اسان بہ اوھان کي جيئڻ نہ ڏينداسين.
اسد قيصر جو چوڻ ھو تہ ڪي پي صوبو ھميشہ دھشتگردي جو شڪار رھيو آھي، اسان افغان جنگ ۾ نقصان برداشت ڪيو آھي ۽ اڃا تائين افغان جنگ ڀوڳي رھيا آھيون پر افسوس جي ڳالھ آھي جو وفاق ڪڏھن بہ اسان جي قربانين کي تلسيم ناھي ڪيو، وفاق ھميشہ سندن صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو آھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ جيڪڏھن افغانستان ۽ پاڪستان سمجھن ٿا تہ ھڪٻئي کانسواءِ گذارو ڪري سگھن ٿا تہ اھا ٻنھي ملڪن جي غلط فھمي آھي، پاڪستان افغانستان ۽ ايران برادر مسلمان ملڪ آھن، اسان کي پنھنجا معاملا ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ گھرجن.
ھن چيو تہ قطر، ترڪيہ ۽ ٻيا ملڪ امن لاءِ ڪوششون جاري رکن، پاڙيسري ملڪ سان ھلندڙ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ سعودي عرب ۽ چين پنھنجو ڪردار ادا ڪن…..