“ اسان کي فقير بڻائي ڇڏيو اٿئون”: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جتي چيڪ ملڻ ۾ مهينا لڳي ويندا آهن

فہرستِ مضامین

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري سموري دنيا ڌوم مچائي رهي آهي پر هتي ڪم ڪندڙ فنڪارن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔

بي بي سي اردو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪجهه وقت اڳ هدايتڪار مھرين جبار، اداڪار ۽ رائٽر سيد محمد احمد، اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ، عليزي شاهه ۽ فيضان خواجه سوشل ميڊيا تي ڪجهه مسئلن جو ذڪر ڪيو جن ۾ معاوضو ملڻ ۾ دير جو مسئلو به شامل هو۔

ان کان اڳ رمشا خان ۽ خوشحال خان به پنهنجي انٽرويوز ۾ ادائگين جي مسئلي تي ڳالهائي چڪا آهن پر اهي مسئلا صرف هتي تائين محدود ناهن۔

بي بي سي موجب انهن شڪايتن جي بنياد تي ”اسان پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن سان ڳالهايو ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ ته آخر انڊسٽري جا حالتون سازگار ڇو ناهن۔

ادائيگي ۾ دير: سڀ هڪ ٻئي تي الزام لڳائن ٿا

ڊرامو” مين منٽو نهين هون“۾ ڪم ڪندڙ اداڪار سيد محمد احمد جو چوڻ آهي ته کيس عمر اجازت نٿي ڏئي ته هو هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري کيس اها اميد هوندي آهي ته ’هڪ مان نه ته ٻئي ڊرامي مان ادائيگي اچي ويندي۔

سيد محمد احمد جو چوڻ آهي ته چيڪ اچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 کان 7 مهينا لڳي ويندا آهن۔

اداڪار ٻڌايو ته ’سڀ کان وڌيڪ تڪليف تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اهي توهان کي جواب ئي ناهن ڏيندا۔ پوءِ آهستي آهستي توهان درخواستن تي اچي ويندا آهيو پوءِ پنهنجن گهر جي حالتن جو ذڪر ڪندا آهيو۔ ان کان پوءِ ئي وڃي توهان کي هڪ چيڪ ملي ٿو۔

محمد احمد ٻڌائي ٿو ته هڪ اداڪار کي مڪمل ادائيگي تقريبن 3 کان چئن حصن ۾ ڏني ويندي آهي۔

ڪينيڊا مان آن لائن انٽرويو دوران اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ ٻڌايو ته پروجيڪٽ سائن ڪرڻ کان پوءِ ’جيڪو پهريون چيڪ ملڻو هوندو آهي، اهو صرف ڪنٽريڪٽ جي حد تائين هوندو آهي، ڪو به چيڪ نٿو ملي۔ ان بابت جڏهن هدايتڪار مھرين جبار سان ڳالهه ڪئي وئي ته هن ٻڌايو ته’انڊسٽري ۾ ادائيگي جي معاملي تي هر ڪو هڪ ٻئي کي الزام ڏئي ٿو۔ پروڊڪشن هائوس چون ٿا ته کين چينلن کان پيسا ناهن مليا۔ چينل چون ٿا ته اشتهار ڏيندڙ کين دير سان پيسا ڏين ٿا۔ ڪو به پروفيشنل سسٽم ناهي۔

اسپتال وٺي وڃڻ بدران چيو ويو ته ڪئمرا رول ڪندا رهو

دير سان ادائگين کان کانسواءِ، اداڪارن جي سيڪيورٽي بابت به جوڳا انتظام نه هجڻ جون شڪايتون سامهون اينديون رهيون آهن. صحيفه موجب هڪ ڊرامي جي سيٽ تي ٿيل واقعي تي کين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻي پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندن پروڊيوسر ڪاوڙ ۾ سيٽ تي بندوق کڻي آيو هو.

هن جو چوڻ آهي ته ’اهڙن معاملن لاءِ ڪنهن فنڪار وٽ ڪو به قانوني حق ناهي.

اداڪارا حاجرا يامين هن وقت ڊرامي” مين منٽو نهين هون“۾ نظر اچي رهي آهي، هوءَ ٻڌائي ٿي ته ڪنٽريڪٽ ۾ ڪا به ڳالهه فنڪار جي فائدي واري نه هوندي آهي۔

هن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا سيٽ تي زخمي ٿي آهيان۔ منهنجو خيال رکڻ بدران مون کي گهر موڪليو ويو.“ اسان کي فقير بڻائي ڇڏيو اٿئون”: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جتي چيڪ ملڻ ۾ مهينا لڳي ويندا آهن

هن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا سيٽ تي زخمي ٿي آهيان۔ منهنجو خيال رکڻ بدران مون کي گهر موڪليو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں