اسان ڀارت کي بہ منھن ٽوڙ جواب ڏنو ھو ھاڻي افغان رجيم کي بہ ملي رھيو آھي: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ افغان رجيم کي جواب پاڪستان ڏانھن ميري اک رکندڙن لاءِ پيغام آھي، اسان ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ھو ۽ ھاڻي افغان رجيم بہ ملي رھيو آھي.

ڪراچي ۾ ھڪ تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي مراد علي شاھ چيو تہ اسان پھريان ئي تياري ڪئي ھئي، غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شھرين خلاف پھريان بہ ڪارروايون ڪيون آھن.

مراد علي شاھ عمرڪوٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ عمرڪوٽ پوليس عدالت جي آرڊر تي ڪارروائي، پوليس جھڙي طرح ڪارروائي ڪئي اھا قبولڻ جوڳي ناھي، مان گھرو وزير ۽ تعليم واري وزير سان رابطو ڪري تفصيل ورتا.

مراد علي شاھ جو واقعي ۾ ملوث پوليس ٽيم کي معطل ڪيو ويو آھي، گھرو وزير يقيني بڻائي رھيو آھي تہ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، يقين ڏياران ٿو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ عورتن سيان زيادتي نہ ٿيندي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں