ارشد نديم ۽ نيرج چوپڙا ڀيروٻيھر آمھون سامھون ٿيندا، چوپڙا جي دعوت ۽ ارشد نديم جي معذرت

فہرستِ مضامین

پاڪستان جو اولمپڪ جيولن چيمپئن ارشد نديم ۽ ڀارت جو نيرج چوپڙا ايندڙ مھيني پولينڊ ۾ ٿيندڙ ڊائمنڊ ليگ جي ايونٽ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيندا.

پئرس اولمپڪس کانپوءِ ٻئي رانديگر ھڪ سال کانپوءِ پھريون ڀيرو ھڪ ٻئي سان سڌي مقابلي ۾ ايندا. جيولن ٿرو جو ھي دنگل اھڙي وقت ٿي رھيو آھي جڏھن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ چوٽ چڙھيل آھي ۽ ان ڇڪتاڻ جا اثر ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ راندين جي بين الاقوامي مقابلن تي بھ پئجي رھيا آھن.

ڊائمنڊ ليگ پاران 9 جولاءِ تي جاري ڪيل ھڪ پڌرائي ۾ پولينڊ ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو، جن ۾ ڪينيا جو اسٽار ايٿليٽ فيٿ ڪيپيگون بھ شامل آھي.

ڀارت جو نيرج چوپڙا ارشد نديم کان بدلو وٺندو؟

پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم ۽ ڀارت جي نيرج چوپڙا وچ ۾ ٿيندڙ نئين مقابلي کي ڀارت پاران پئرس اولمپڪس کانپوءِ بدلو وٺڻ جو پھريون موقعو بھ قرار ڏنو پيو وڃي. پريس رليز ۾ چيو ويو تھ پاڪستاني ايٿليٽ جي فارم اڃا ڳجھارت بڻيل آھي ۽ ھو يورپي مقابلن ۾ گھٽ شرڪت ڪندو آھي، پر ارشد نديم 16 آگسٽ تي نيرج چوپڙا سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ يورپ ايندو.

بيان ۾ اھو بھ ٻڌايو ويو تھ چوپڙا ھيلوڪي سيزن دوران 90 ميٽرز تائين جيولن اڇلايو آھي ۽ ھو ان کان بھ وڌيڪ بھتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. گذريل ھفتي نيرج چوپڙا ڀارت جي پھرين عالمي معيار جي فيلڊ مقابلي “نيرج چوپڙا ڪلاسڪ” ۾ حصو ورتو ۽ ھڪ گولڊ ميڊل پنھنجي نانءُ ڪيو ھو.

مئي ۾ ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا جي شھر گومي ۾ ٿيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپئنشپ ۾ حصو ورتو ۽ 86.4 ميٽرز تائين جيولن ٿرو ڪري ھڪ وڌيڪ گولڊ ميڊل کٽيو ھو.

نيرج چوپڙا ارشد نديم کي دعوت ڏني

22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي پھلگام واري علائقي ۾ ٿيل حملي کان ھڪ ڏينھن اڳ چوپڙا اعلان ڪيو ھو تھ ارشد نديم سميت دنيا جي بھترين جيولن ٿروورز کي پھرين نيرج چوپڙا ڪلاسڪ ايونٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آھي. پر پھلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ چوپڙا جي فيصلي تي وڏي تنقيد ڪئي وئي تھ ھن نديم کي دعوت ڇو ڏني آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ارشد نديم ان ايونٽ ۾ شرڪت نھ ڪئي.

ارشد نديم جي ڀارتي ايونٽ ۾ شرڪت کان معذرت

ارشد نديم ايونٽ ۾ شرڪت کان معذرت ڪندي چيو ھو تھ 20 مئي تي ڀارت ۾ ايونٽ آھي، جڏھن تھ 22 مئي تي ايشين چيمپئنشپ جي لاءِ روانگي شيڊول ٿيل آھي، تنھن ڪري ڀارتي ايونٽ ۾ شرڪت نھ ٿو ڪري سگھان. ارشد نديم چيو تھ نيرج چوپڙا مون کي ياد رکيو ۽ ايونٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان لاءِ مان سندس ٿورائتو آھيان.

 ارشد نديم گذريل سال اولمپڪ گيمز دوران جيولن ٿرو جي مقابلن ۾ 92.97 ميٽرز تائين ٿرو ڪري نئون عالمي ريڪارڊ ٺاھيو ھو ۽ پاڪستان لاءِ پھريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ھو. وطن واپسيءَ تي ارشد نديم جي ھيرو جھڙي آجيان ڪئي وئي ھئي ۽ سندس لاءِ نقد انعامن ۽ کيس پلاٽ ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا ھئا. تازو ارشد نديم جي ان بيان وڏو ٿرٿلو مچايو، جنھن ۾ ھن چيو آھي تھ کيس پلاٽ ڏيڻ جا جيڪي بھ وعدا ۽ اعلان ڪيا ويا اھي ڪوڙا ثابت ٿيا.

اعلانيل پلاٽ اڃا نه مليا: ارشد نديم جي ميار

پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ ھن چيو تھ نقد رقمون ڏيڻ وارن سمورن اعلانن تي عمل ڪيو ويو پر پلاٽ ڏيڻ واري ڪنھن بھ اعلان تي اڃا تائين عمل نھ ٿيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں