ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ فليٽ ۾ مئل حالت ۾ ھٿ آيل اداڪارہ ۽ ماڊل حميرا اصغر جي فائنل ميڊيڪو ليگل رپورٽ سماھون اچي وئي آھي، جنھن بعد سندس موت تي شڪ شبھا پيدا ٿي ويا آھن.
ان کان اڳ حميرا اصغر جي لاش مان ورتل سيپملز جي ڪيميڪل جاچ ۾ اداڪارہ جي موت کي طبعي قرار ڏنو ويو ھو پر ھاڻوڪي رپورٽ اھم سوال اٿاري ڇڏيا آھن.
ميڊيڪل ليگل رپورٽ موجب اداڪارہ حميرا اصغر جي ڪپڙن تي رت لڳل ھئي، سندس ٽي شرت ۽ ٽرائوزر تي رت جا نشان مليا آھن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي تھ حميرا اصغر جي ڪپڙن تان ھڪ ڊي اين اي بھ مليو آھي، اداڪارہ جو لاش مڪمل نھ ھو، رڳو ھڏا مليا، مڪمل جسماني عضوا نھ ملڻ سبب موت جو ڪارڻ معلوم نھ ٿي سگھيو.
پوليس جو چوڻ آھي تھ حميرا اصغر جي ھڪ موبائيل فون اڃا تائين ناھي ملي سگھي، موبائيل فون جي ڊيٽا مان جاچ ۾ وڌيڪ مدد ملي سگھي پئي.
حميرا اصغر جو موت ڪڏھن ٿيو؟
ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي فليٽ مان ھلندڙ سال 8 جولاءِ تي حميرا اصغر جو ڪيترائي مھينا پراڻو لاش ھٿ آيو ھو. پوسٽ مارٽم دوران اداڪارہ جي لاش مان ڪيميڪل تجزيي لاءِ جزا ورتا ويا ھئا. پھرين اھو چيو پئي ويو تھ لاش ھڪ مھينو پراڻو آھي پر پوءِ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھو انڪشاف ٿيو تھ اداڪارا جو لاش 8 کان 10 مھينا پراڻو آھي.
فليٽ جي مالڪ پاران حميرا اصغر خلاف عدالت ۾ ڪرايو نھ ڏيڻ جي شڪايت تي ٻڌل درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي، عدالت پاران فليٽ خالي ڪرائڻ جي حڪم تي پوليس جڏھن فليٽ جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي تھ کين حميرا اصغر جو لاش مليو، لاش ڳرڻ واري آخري مرحلي ۾ ھٿ آيو ھو.
حميرا اصغر جي موت جو ھڪ دردناڪ رخ ان وقت سامھون آيو، جڏھن ٽي وي اينڪر اقرار الحسن انڪشاف ڪيو تھ حميرا پنھنجي موت کان اڳ 7 آڪٽوبر تي 10 ماڻھن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جن ۾ سندس ڀاءُ بھ شامل ھو، پر ڪنھن بھ سندس پيغامن جو جواب نھ ڏنو.
ٽي وي اينڪر جا حميرا جي موت بابت انڪشاف
ٽي وي اينڪر انسٽا گرام تي جاري ڪيل ھڪ وڊيو ۾ ٻڌايو تھ اداڪارا جي موبائيل فون مان معلوم ٿيو آھي تھ ھن موت کان اڳ 7 آڪٽوبر 2024 تي پنھنجي ڀاءَ سلمان، محسن، عمران، حسن ۽ ٻين کي ميسيج اماڻيا، ھن سڀني کي پھرين “ھيلو” جو ميسيج ڪيو ۽ ٻيھر ڪيل ميسيج ۾ چيو تھ “ھيلو، مان توھان سان ڳالھھ ڪرڻ ٿي چاھيان” پر انھن سمورن ماڻھن مان ڪنھن بھ کيس جواب نھ ڏنو.
اقرارالحسن موجب انھن ماڻھن حميرا اصغر جي پيغامن جو ٽن ڏينھن تائين ڪو بھ جواب نھ ڏنو، ڇاڪاڻ تھ اداڪارا جي موبائيل فون 3 ڏينھن تائين آن رھي ۽ بعد ۾ بند ٿي وئي، ان مان اندازو لڳايو پيو وڃي تھ اداڪارا جو موت 7 آڪٽوبر کانپوءِ ٿيو.
اقرار الحسن جو چوڻ ھو تھ 10 آڪٽوبر تائين اداڪارا جي فون تي مختلف ماڻھن جا ميسيجز آيا، جيڪي سندس ويجھي دوست ۽ عمارت جي چوڪيدار جا ھئا، پر ھي اھي 10 ماڻھو نھ ھئا جن کي اداڪارا پاڻ پيغام اماڻيا ھئا.
اقرار الحسن موجب اداڪارا مڪمل طور صحتمند ھئي ۽ جم ٽرينر موجب ھوءَ روز 3 ڪلاڪ ورزش ڪندي ھئي.ڳڻتيءَ جوڳي ڳالھھ اھا آھي تھ حميرا کي پيغامن جو جواب نھ ڏيندڙن ۾ سندس ڀاءُ بھ شامل ھو.
جاچ ٽيم جا انڪشاف
اداڪارا حميرا اصغر جي موت جي جاچ لاءِ ايس ايس پي سائوٿ مھزور علي پاران ايس پي ڪلفٽن عمران علي جکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ جاچ ٽيم بھ جوڙي وئي ھئي، جنھن ۾ ايس ڊي پي او ڊفينس اورنگزيب خٽڪ، اي ايس پي ندا جنيد، ايس ايڇ او گذري فاروق سنجراڻي، سب انسپيڪٽر محمد امجد ۽ آءِ ٽي برانچ جو پوليس ڪانسٽيبل محمد عديل شامل ھئا.
ڊي آءِ جي اسد رضا ڪراچي جي عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ آگاھي ڏني ھئي تھ اداڪارا جي خودڪشي ڪرڻ يا کيس قتل ڪرڻ جون ڪي بھ شاھديون نھ مليون آھن، فليٽ جي دروازي کي اندران ڊبل لاڪ لڳل ھو، شاھزيب سھيل نالي ھڪ شھري پاران حميرا اصغر جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي.
ڊي آءِ جي اسد رضا جي رپورٽ ۾ بھ اھو انڪشاف ڪيو ويو تھ حميرا اصغر جي فون تان آڪٽوبر 2024 ۾ مختلف ماڻھن کي 14 فون ڪالز ۽ ميسيجز ڪيا ويا، جن جا جواب نھ ڏنا ويا، جن ماڻھن ڏي فون ڪالز ۽ ميسيج ڪيا ويا انھن ۾ ھڪ ناليوارو ڊراما ڊائريڪٽر بھ شامل آھي.پوليس کي اداڪارا جي فليٽ مان سندس 3 موبائيل فون، ھڪ ٽيبليٽ ۽ ھڪ ڊائري بھ ھٿ آئي ھئي.
حميرا اصغر جو ننڌڻڪائي حالت ۾ موت
32 سالن جي حميرا پاڪستان ۾ ٽي وي، فلم ۽ ماڊلنگ جي فيلڊ ۾ ھڪ اڀرندڙ اسٽار ھئي، ھن پي ٽي وي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪيا ۽ ھوءَ سماج سڌارڪ ٿيٽرز ۽ فلاحي ادارن سان بھ سلھاڙيل ھئي.
ھن جا ٽڪ ٽوڪ ۽ انسٽاگرام تي ھزارين فالوورز بھ ھئا، ڊجيٽل پليٽ فارمز تي مقبوليت باوجود زندگيءَ جي آخري 7 سالن دوران ھوءَ دنيا کان ڪٽيل ۽ الڳ ٿلڳ رھڻ لڳي ھئي.
پوليس موجب حميرا اصغر جو لاش حوالي ڪرڻ لاءِ جڏھن سندس وارثن سان رابطو ڪيو ويو تھ ھنن پھرين لاش وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، بعد ۾ سندس لاش وصول ڪري تدفين ڪئي وئي ھئي.
حميرا اصغر جي ھيڪلائپ ۽ ننڌڻڪائي جي حالت ۾ ٿيل موت ڪيترن ئي بحثن کي ڇيڙي ڇڏيو آھي. حميرا اصغر کان اڳ پاڪستان جي ھڪ ٻي اداڪارا عائشھ خان بھ اھڙي ئي اڪيلائي واري موت جي ور چڙھي وئي ھئي، ھن جو لاش بھ ڪيترن ئي ڏينھن بھ فليٽ مان ھٿ آيو ھو.
ماڻھو اھو سوال ڪري رھيا آھن تھ حميرا اصغر جو موت اھڙي اڪيلائپ ۽نڌڻڪائپ جي حالت ۾ ڇو ٿيو؟ خاندان، پاڙي وارن ۽ دوستن سندس سار ڇو نھ لڌي، منظرعام تان غائب رھڻ تي ڪنھن کي سندس ڳڻتي ڇو نھ ٿي؟ تيز رفتار شھري زندگيءَ جي ھڻ وٺ اسان جي روايتي خانداني نظام ۽ قدرن کي ڳڙڪائي تھ نھ رھي آھي؟