اداڪارا صحيفه جبار جي گھر ڀاتين ۽ مداحن کان معافي

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي اداڪارا ۽ ماڊل صحيفھ جبار پنھنجي مختلف انٽرويوز ۽ سوشل ميڊيا جي پوسٽس ۾ چيل نامناسب ڳالھين ۽ سخت لفظن تي پنھنجي گھر ڀاتين ۽ مداحن سان معذرت ڪئي آھي.

انسٽا گرام تي پنھنجي ھڪ پوسٽ ۾ اداڪارا اعتراف ڪيو ته ھن ڪجھه ٽي وي پروگرامن ۽ پوڊ ڪاسٽ پوسٽن ۾ ڪجھه سخت ۽ نامناسب لفظن جو استعمال ڪيو، جيڪو رڳو ھن لاءِ ئي نه پر ٻين لاءِ به تڪليف جو سبب بڻيو.

اداڪارا پنھنجن اھڙن عملن تي شرمندگي ظاھر ڪندي لکيو آھي تھ کيس انٽرويوز دوران استعمال ڪيل پنھنجن جملن ۽ لفظن جي چونڊ تي افسوس ۽ شرمندگي آھي، ھن چيو تھ مون ذميواري جو مظاھرو نه ڪيو.

صحيفھ جبار لکيو آھي تھ مون ڪنھن جي بھ پرواھ ڪرڻ کانسواءِ نامناسب لفظ ڳالھايا، مون ٻين، پنھنجن پيارن ۽ ايتري تائين جو پنھنجي ذات تي بھ انھن لفظن جي پوندڙ اثرن کي محسوس نھ ڪيو.

اداڪارا چيو تھ ٽي وي شو، پوڊ ڪاسٽ يا رستي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ وقت اسان کي سوچڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھر لفظ جو قدر ھوندو آھي، اسان کي پنھنجن لفظن جي چونڊ سوچي سمجھي ڪرڻ گھرجي.

ھن چيو ته اسان کي پنھنجي ذات کي عزت سان پيش ڪرڻ گھرجي ۽ ادب سکڻ گھرجي.

صحيفه جبار ڊپريشن جو شڪار رھي چڪي آھي

اداڪارا وڌيڪ لکيو آھي تھ مون کي خبر آھي تھ اسان رڳو انسان آھيون، اسان پنھنجن لفظن ۽ جذبات جي معاملي ۾ ڪڏھن بھ ڪامل ٿي نھ ٿا سگھون، پر اسان ڪوشش ڪري سگھون ٿا.

صحيفھ جبار گھرڀاتين، دوستن ۽ مداحن کان پنھنجي لفظن تي معافي وٺندي لکيو آھي تھ جيڪڏھن انھن لفظن ڪڏھن ڪنھن کي تڪليف پھچائي ھجي تھ ھوءَ شرمندھ آھي ۽ معافي وٺي ٿي.

ھن چيو تھ سندس چوڌاري جيڪي ڪجھھ ٿي رھيو آھي ۽ جھڙي طرح ان جي سوشل ميڊيا تي عڪاسي ڪئي وڃي ٿي، اھا کيس پنھنجو پاڻ تي غور ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ ياد ڏياري ٿي تھ کيس لاڳيتو سکندي رھڻ جي ضرورت آھي.

ياد رھي تھ صحيفھ جبار گذريل ڪجھھ سالن کان ڊپريشن جو شڪار آھي ۽ ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ ھوءَ پاڻ بھ ان تي کلي ڪري ڳالھائي چڪي آھي.

ڊپريشن تي ڳالھائڻ دوران ھن سماجي مسئلن، ماڻھن جي روين، گھر ڀاتين، دوستن، شوبز انڊسٽري ۽ مذھب بابت بھ ڳالھيون ڪيون، جن مان ڪيترين ئي ڳالھين تي کيس تنقيد جو منھن بھ ڏسڻو پيو.

صحيفه جبار جي ڊراما انڊسٽري تي ڇتي تنقيد

اداڪارا صحيفھ جبار گذريل مھيني پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ھو تھ ڊرامن ۾ آخر ھر عورت کي ھر وقت ساڙھي ۽ زيورن ۾ ڇو ٿو ڏيکاريو وڃي؟

انسٽا گرام تي لکيل پنھنجي پوسٽ ۾ صحيفھ جبار جو چوڻ ھو تھ حقيقت اھا آھي تھ پاڪستان ۾ عوام جي اڪثريت مڊل يا لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿي، جتي عورتون ھر وقت ميڪ اپ يا زيورن سان سٿيل نظر نھ اينديون آھن.

ھن سوال ڪيو تھ ڇا واقعي عام گھرن جون عورتون روز ساڙھيون پائين ٿيون؟ ھر وقت ميڪ اپ ۽ ڳرن زيورن سان سٿيل ھجن ٿيون؟ ڊرامن ۾ اھو سڀ ڪجھه ڏيکارڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟

ھن چيو تھ ڊرامن ۾ ھر عورت کي مظلوم، ھر مرد ۽ ھر سس کي ظالم جي روپ ۾ ڇو پيش ڪيو وڃي ٿو؟

صحيفھ جبار چيو تھ اسان ڊرامن ۾ بلوچستان، زينب ڪيس يا نور مقدم جون ڪھاڻيون ڇو نھ ٿا ڏيکاريون؟ داتا درٻار تي نشئي ٻار يا قصور ۾ ٻارن سان زيادتي جا ڪيس، ھي اھي ڪھاڻيون آھن جيڪي اسان کي جاڳائي سگھن ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں