ادارن ۽ سياسي قيادت جو ھڪٻئي کي ذھني مريض چوڻ افسوسناڪ آھي: بئريسٽر گوھر

فہرستِ مضامین

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آھي تہ اسان لاڳاپن جي بھتري جي اميد رکي ھئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوھر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو تہ اڄ جي پريس ڪانفرنس سان مايوسي ٿي، ھميشہ اميد ڪئي تہ تڪرار گھٽ ٿئي ۽ لاڳاپن ۾ بھتري ايندي.

ھن چيو تہ ملڪ جو دفاع اھم آھي، پي ٽي آءِ جو بيانيو ڪڏھن بہ ملڪ دشمن ناھي رھيو ۽ نہ ئي ھوندو، ادارن ۽ سياسي قيادت جو ھڪٻئي کي ذھني مريض چوڻ افسوسناڪ آھي.

گوھر خان چيو تہ پاڪستان بہ اسان جو آھي، فوج بہ اسان جي آھي، ھن وقت سڀني کي ھڪٻئي تسليم ڪرڻ ۽ جاءِ ڏيڻ جي ضرورت آھي ۽ اسان کي گڏجي اعتماد جي کوٽ کي ختم ڪرڻو آھي.

پي ٽي آءِ چيئرمين اپيل ڪئي تہ جمھوريت پسند قوتون ھن تڪرار کي گھٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ نان اسٽيڪ ھولڊرز جو ڪردار پي ٽِ آءِ ۽ اداران ۾ تڪرار جو سبب نہ بڻجي.

هنن مطالبو ڪيو تہ باني پي ٽي آءِ  ۽ بشریٰ بي بي سان ملاقاتن جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏھن ايئن ٿي وڃي تہ صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، بيرسٽر گوھر چيو تہ ملڪ وڌيڪ تڪرار ۽ ڏڦيڙ برداشت نٿو ڪري سگھي… ۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں