اختر مينگل جي خالي سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا: اليڪشن ڪميشن بي اين پي مينگل سربراھ اختر مينگل جي خالي ڪيل سيٽ اين اي 256 خضدار تي ننڍي چونڊ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ان اي 256 خضدار تي چونڊ لاءِ پولنگ 5 اپريل تي ٿيندي.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ننڍي اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 20 کان 24 فيبرروي تائين جمع ڪرائي سگھبا، نامزد اميدوارن جي فھرست 25 فيبروري ۽ چونڊ نشان 18 مارچ تي الاٽ ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 256 تي ننڍي چونڊ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر خضدار کي ڊي آر او مقرر ڪيو ويو آھي.

ياد رھي تہ اي اي 256 خضدار جي سيٽ سردار محمد اختر مينگل جي استعيفيٰ بعد خالي ٿي ھئي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں