ڪراچي ۾ سرحدي ڇڪتاڻ ۽ سپريم ليڊر آيت اللھ خامنہ جي شھادت کانپوءِ احتجاج جي خدشي سبب ڪيترائي اهم روڊ ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب شھرين کي سخت ڏکيايون پيش اچي رھيون آهن۔
ٽريفڪ پوليس موجب پي آءِ ڊي سي چوڪ کان ايم ٽي خان روڊ ويندڙ پل بند ڪيو ويو آهي، ايم ٽي خان روڊ تي سلطان آباد واري علائقي ۾ ڪنٽينرز رکڻ سبب ٽريفڪ کي روڪيو ويو آهي۔
بوٽ بيسن کان مائي ڪولاچي باءِ پاس ۽ شاهراهِ فيصل تي ايف ٽي سي کان جناح موڙ تائين ويندڙ ٽريڪ پڻ بند ڪئي وئي آهي۔
ٽريفڪ پوليس موجب، ايف ٽي سي ايندڙ ٽريفڪ کي گورا قبرستان کان يوٽرن ڪرائي صدر طرف موڙيو ويو آهي۔
روڊن جي بندش سبب آفيسن ۽ ٻين هنڌن تي ويندڙ شھري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن………