اجرڪ واري نمبر پليٽ لڳائڻ جي ڊيڊ لائين ۾ ٽيون ڀيرو واڌ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ نئين نمبر پليٽ جي رجسٽريشن جو معاملو تيزيءَ سان پکڙجي ويو آهي، جتي شهري پنهنجين گاڏين لاءِ اجرڪ ڊيزائن واري نمبر پليٽ حاصل ڪرڻ لاءِ  ڀڄ ڊڪ ڪري رھيا آھن، اتي سنڌ حڪومت گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ 31 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايڪسائيز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاڏين جي نمبر پليٽ تبديل ڪرڻ جي تاريخ 14 آگسٽ کان وڌائي 31 آڪٽوبر ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جي ملاقات ٿي.

بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا کي هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي، سيڪيورٽي فيچر واري نمبر پليٽ لڳائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ ايڪسائيز کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.

اجرڪ واري نمبر پليٽ ڇو ضروري آهي؟

سنڌ حڪومت صوبي ۾ بدامني کي روڪڻ لاءِ هڪ نئين نمبر پليٽ متعارف ڪرائي آهي، جنهن تي اجرڪ جي پٽي لڳل آهي. اها پٽي رات جو به چمڪي ٿي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ آساني سان نظر اچي ٿي، جنهن سان موٽرسائيڪل يا ڪار جي سڃاڻپ ممڪن بڻجي ٿي. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته پراڻيون نمبر پليٽس ڪيمرائن ۾ ظاهر نٿيون ٿين، جنهن سبب ڏوهاري وارداتن کان پوءِ فرار ٿي وڃن ٿا.

ان حوالي سان ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جو چوڻ آهي ته خصوصي فيچرز واري اجرڪ نمبر پليٽ 2022 ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي، گذريل ٽن سالن دوران هزارين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي اها نمبر پليٽ لڳائي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته اها هڪ سيڪيورٽي فيچرڊ نمبر پليٽ آهي، جيڪا سيف سٽي پروجيڪٽ سان ڳنڍيل آهي. گذريل هڪ سال کان هو اسيمبليءَ جي فلور تي ۽ ميڊيا ذريعي ٻڌائيندو رهيو آهي ته مستقبل ۾ سڀني شهريَن لاءِ اها نمبر پليٽ لازمي هوندي.

اجرڪ نمبر پليٽ تي  ٿيندڙ سياست

ايم ڪيو ايم حقيقي جي اڳواڻ آفاق احمد اجرڪ واري نمبر پليٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته “اجرڪ اسان جي ثقافت ناهي، ان لاءِ اسان اهڙي نمبر پليٽ نه لڳائينداسين، هن پنهنجي گاڏي تي پاڪستاني جهنڊي واري نمبر پليٽ لڳائڻ جي وڊيو به جاري ڪئي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آفاق احمد نمبر پليٽ تي اجرڪ واري پٽي تي پنهنجي هٿن سان پاڪستاني جھنڊي وارو اسٽيڪر لڳائي رھيو ھو. هن چيو ته عوام وٽ اختيار هجڻ گهرجي ته هو اجرڪ واري پليٽ لڳائن يا قومي جھنڊي واريِ نمبر پليٽ. هن جو موقف هو ته نمبر پليٽ جي فيس زندگي ۾ھڪ ڀيرو ورتي ويندي آهي، ٻيهر رقم وٺڻ غلط آهي.

سوشل ميڊيا تي ردعمل

اجرڪ واري نمبر پليٽ جي مخالفت تي سوشل ميڊيا صارفين آفاق احمد کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.  سندن چوڻ هو ته پاڪستان ته سڀني کي پيارو آهي، پر اجرڪ به سنڌ جي ثقافت آهي. ان جي مخالفت مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم حقيقي جو اڳواڻ سنڌ سان محبت نٿو رکي.

صارفين چيو ته ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ کي هاڻ ”سنڌي“ سڏرائين ٿا، پر اڪثريت سنڌ جي ثقافت کي قبول نٿي ڪري ۽ اجرڪ واري نمبر پليٽ تي اعتراض رکي ٿي. اميد آهي ته اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر سمجهي ويندا ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ ٻه جدا شيون آهن، ۽ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ سنڌ جي ثقافت تي تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں