اثاثن جا تفصيل جمع نہ ڪرائڻ تي وفاقي وزير سميت 32 ايم اين ايز جي رڪنيت معطل

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نہ ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي۔

اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي 32 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ پنجاب اسيمبلي جا 50 ۽ سنڌ اسيمبلي جا 33 ميمبر بہ معطل ڪيا ويا آهن۔

معطل ٿيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، سيد علي موسىٰ گيلاني ۽ سيد عبدالقادر گيلاني بہ شامل آهن۔

ان کانسواءِ معطل ٿيل پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۾ رانا سڪندر حيات، عدنان ڊوگر، عامر حيات، جڏھن تہ سنڌ اسيمبلي مان صوبائي وزير سعيد غني شامل آھي۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں