راولپنڊي: خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي فتنہ الخوارج جي دھشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دھشتگرد مارجي ويا ۽ چئن جوانن بہ شھادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب ڀارتي حمايت ۾ سرگرم دھشتگردن اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ تي حملو ڪيو.
پڌرائي موجب خارجين ڪيمپ جي ٻاھرين سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي جوانن بروقت ناڪام بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب دھشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ڪيمپ سان ڀت سان ٽڪرائي، نتيجي ۾ ڀت ،رھائشي انفرا اسٽرڪچر سميت ھڪ مسجد کي نقصان پھتو، حملي دوران گهرن کي نقصان پهچڻ سان گڏ 15 رھواسي زخمي ٿيا، جن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون شامل آھن.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 4 دھشتگرد مارجي ويا، جڏھن تہ دھشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چئن جوانن شھادت ماڻي.
شھيدن ۾ حوالدار محمد وقاص، نائيڪ خانويز، سپاھي سفيان حيدر ۽ رفعتشامل آھن، جن بھادري سان وڙھندي جان جو نذرانو پيش ڪيو……..