لائیو اتحادي آبنائي ھرمز کولرائڻ ۾ ناڪام رھيا تہ نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو:ٽرمپ جي ڌمڪي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي تہ جيڪڏھن اتحادي آبنائي هرمز کولرائڻ ۾ مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا تہ نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو۔

برطانوي اخبار سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ اسان ايران سان ڳالهہ ٻولهہ ڪري رھيا آهيون، پر مون کي نٿو لڳي تہ هو ان لاءِ تيار آهي۔

ٽرمپ چيو تہ آبنائي هرمز بابت 7 ملڪن سان ڳالهہ ٻولهہ جاري آهي، انهن کان آبنائي هرمز جي حفاظت ۾ مدد جو مطالبو ڪيو آھي، جڏھن تہ اسرائيل آبنائي هرمز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آمريڪا سان گڏ ڪم ڪري رھيو آهي۔

برطانوي اخبار موجب ٽرمپ خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن نيٽو آبنائي هرمز کولرائڻ ۾ مدد نہ ڪئي تہ نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو۔

ان کانسواءِ صدر ٽرمپ اهو بہ چيو تہ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چين جي صدر سان طئي ٿيل ملاقات دير جو شڪار ٿي سگهي ٿي، اها ملاقات تڏھن ئي مناسب لڳندي جڏهن آبنائي هرمز مان فائدو وٺندڙ ملڪ اهو يقيني بڻائڻ ۾ مدد  ڪن تہ اتي ڪا خراب صورتحال پيدا نہ ٿئي۔

ياد رھي تہ ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ چين سميت سڄي دنيا کان مدد طلب ڪئي هئي ۽ اميد ظاهر ڪئي هئي تہ چين سان گڏ فرانس، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، برطانيا ۽ ٻيا ملڪ بہ پنهنجا جنگي جهاز آبنائي هرمز ڏانهن موڪليندا۔

تنهن هوندي بہ ٽرمپ جي هن اپيل تي دنيا مان خاموش آھي ۽  هينئر تائين ڪنهن بہ ملڪ ٽرمپ جي اپيل تي علائقي ۾ سامونڊي جهاز موڪلڻ جو اعلان ناهي ڪيو۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں