آپريشن غضب للحق، 331 طالبان مارجي ويا، 104 چوڪيون مڪمل تباھ، 22 تي قبضو ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

پاڪستان جو افغان طالبان رجيم خلاف آپريشن غضب للحق جاري آھي، جنھن ۾ ھيل تائين طالبان رجيم جا 331 دھشتگرد مارجي ويا آھن ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن.

اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آھي تہ آپريشن غضب للحق ۾ 331 طالبان رجيم جا اھلڪار ۽ خارجي مارجي ويا آھن ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن.

وفاقي وزير آپريشن دوران اڄ صبح 9 وڳي تائين افغان طالبانن کي پھچايل نقصانن جا تفصيل جاري ڪيا.

هڪ بيان ۾ وفاقي وزير اطلاعات عطاء اللہ تارڑ ٻڌايو آهي ته طالبان رجيم جي تباه ڪيل ٽينڪس ۽ بڪتربند گاڏين جو انگ وڌي 163 ٿي ويو آهي، جڏھن تہ 104 طالبان چوڪيون مڪمل طور تباهہ ڪيون ويون آهن ۽ 22 چوڪيون پاڪستان جي قبضي ۾ آھن.

هن وڌيڪ ٻڌايو تہ سڄي افغانستان ۾ 37 هنڌن کي فضائي ڪارروائي دوران اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو آهي۔

ان کان اڳ گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شریف چوڌري پريس بريفنگ دوران آپريشن “غضب للحق” بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني هئي ۽ ڪارروائين جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي هئي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں