پاڪستان جي افغانستان خلاف آپريشن غضب للحق ۾ سيڪيورٽي فورسز زوب ۽ ميران شاھ ۾ افغان پوسٽون تباھ ڪري ڇڏيون آھن
ذريعن موجب پاڪ فوج زوب سيڪٽر ويجھو افغان طالبان جي طاھر پوسٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ افغان طالبان جي جنڊوسر پوسٽ کي بہ نقصان پھچايو ويو آھي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪ فوج ميرانشاھ ويجھو افغان طالبان جي پوسٽ ٽاور کي تباھ ڪري ڇڏيو، اعظم وارسڪ سيڪٽر ۾ بہ طالبانن جي شاگاپوسٽ کي تباھ ڪيو ويو
سيڪيورٽي ذريعن موجب قلعہ سيف اللھ ۾ پاڪ فوج بروقت ڪارروائي ڪندي دھشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪارروائي ۾ ڪيترائي دھشتگرد مارجي ويا
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج دھشتگردن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي دھشتگرد مارجي ويا.
ذريعن موجب پاڪ فوج سرحد تي غلام خان سيڪٽر ۾ افغان پوسٽ کي تباھ ڪيو، جنھن بعد غلام خان سيڪٽر ۾ تباھ ٿيل پوسٽ ۾ باھ لڳي وئي ….