آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن کي شڪست ڏئي سائبر وار فيئر ۾ سرسي ثابت ڪئي: ايئر چيف مارشل

فہرستِ مضامین

رسالپور: ايئرچيف مارشل ظھير احمد بابر سڌو چيو آھي تہ آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، 10 مئي تي دشمن جي ڊفينس سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.

پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور  پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي پاڪ فضائيہ جي سربراھ ايئرچيف مارشل ظھير احمد بابر سڌو چيو تہ معرڪہ حق ۾ ڪاميابي پاڪستان ايئرفورسز جي بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ھئي.

ھن چيو تہ جڏھن 6 ۽ 7 مئي جي رات پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ويو تہ پاڪستان ايئر فورسز دشمن کي ڀرپور جواب ڏيندي رافيل سميت ان جا جديد ترين ويڙھاڪ جھاز ڪيرايا، 10 مئي تي دشمن جي ڊفينس سسٽم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستان سائبر وار فيئر ۾ پنھنجي سرسي ثابت ڪئي.

ھن چيو تہ پاڪستان جي سلامتي تي ڪڏھن بہ آڱر کڻن نہ ڏينداسين، رافيل جھازن جي صلاحيت پاڪ فضائيہ آڏو ٻڙي ثابت ٿي، دشمن جي ھر حرڪت کي پاڪ فضائيہ مانيٽر ڪيو، جديد دنيا ۾ پاڪ فضائيہ پيشوراڻي صلاحيتن سان ليس آھي.

ايئرچيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جو چوڻ هو تہ اسان دشمن کي ان کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائي سگهياسين، پر اسان هڪ پروفيشنل فورس آهيون ۽ اسان جو هر قدم اثرائتو هوندو آهي.

ھن وڌيڪ چيو تہ معرڪہ حق ۾ پاڪستان ائير فورس جي ڪاميابي کي نه رڳو عالمي سطح تي مڃيو ويو پر ان تي تحقيق بہ ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ ھو تہ پاڪ فضائيہ جو ھر جوان ۽ ھر آفيسر ملڪ ۽ قوم لاءِ ھر وقت تيار آھي، جڏھن تہ فيلڊ مارشل عاصم منير قائد جو ڪردار ادا ڪيو.

پاڪ فضائيہ جي سربراھ چيو تہ پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي، پر جيڪڏھن ڪنهن اسان جي امن واري خواهش کي للڪاريو تہ ان کي قيمت چڪائڻِي پوندي.

ھن چيو تہ اسان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهيون، قوم جو ڀرپور اعتماد فوجن لاءِ وڏي قوت آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں