آيت اللہ خامنہ اي ڪير ھو؟ ۽ ان جو خاندان ڪيترو بااثر آھي؟

فہرستِ مضامین

ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي تسنیم تصديق ڪئي آهي تہ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ ايران جو رھبر اعليٰ آيت الله سيد علي خامنہ اي شھيد ٿي ويو آھي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ھئي تہ سيد علي خامنہ اي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن جي پهرين ڏينهن ئي مارجي چڪو آھي۔

علي خامنہ اي سال1979ع جي اسلامي انقلاب کانپوءِ ايران جو رھبر اعليٰ بڻجندڙ ٻيو شخص ھو، هن 1989ع ۾ آيت الله خميني جي وفات کانپوءِ اهو عهدو سنڀاليو هو

هو ايراني رياست ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ لاءِ مشهور رھيو، رھبر اعليٰ جي حيثيت سان خامنہ اي کي ڪنهن بہ سرڪاري معاملي ۾ ويٽو ڪرڻ جي طاقت حاصل هئي، ان کانسواءِ  وٽس اهو اختيار بہ هو تہ هو جنهن کي چاھي عوامي آفيس جي اميدوار طور چونڊ ڪري پئي سگھيو.

رياست جو سربراھ ۽ فوج جو ڪمانڊر چيف ھجڻ ناطي ھو ايران جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور شخص طور سڃاتو ويندو ھو.

خامنہ اي : ايران جو سڀ کان طاقتور شخص؟

آيت الله سيد علي خامنہ اي سال 1939ع  ۾ ايران جي ٻئي وڏي شهر مشهد جي هڪ مذهبي خاندان ۾ ڄائو هو، هو پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٻئي نمبر تي ھو ۽ سندس والد هڪ شيعا عالم هو۔

آيت اللہ ننڍپڻ کان ئي مذهبي تعليم حاصل ڪئي ۽ 11ورھين جي عمر ۾ هڪ عالم طور اهل ٿي ويو ھو،  پنهنجي دور جي ٻين عالمن وانگر، سندن ڪم جي نوعيت مذهبي هجڻ سان گڏ سياسي بہ هئي۔

ھڪ بااثر خطيب  طور آيت الله سيد علي خامنہ اي شاهِ ايران جي ناقدن ۾ شامل ٿي ويو، آخرڪارسال  1979ع جي اسلامي انقلاب جي نتيجي ۾ ايران جي شاه جو تختو اونڌو ڪيو ويو۔

خامنہ اي ڪيترن ئي سالن تائين روپوش رھيو، کيس جيل بہ ڪاٽڻي پئي، شاه ايران جي ڳجھي پوليس کين 6  ڀيرا گرفتار ڪيو ۽ کيس تشدد جو بہ منهن ڏسڻو پيو۔

سال1979ع جي انقلاب کان هڪ سال پوءِ  آيت الله روح الله خميني کيس تهران ۾ جمعي جي نماز جو امام مقرر ڪيو۔

سال 1981ع ۾ خامنہ اي ايران جو صدر چونڊجي ويو، جڏھن تہ 1989ع ۾ روح الله خميني جي وفات کانپوءِ مذهبي اڳواڻن کيس آيت الله خميني جو جانشين مقرر ڪري رھبر اعليٰ بڻايو۔

آيت الله سيد علي خامنہ ملڪ کان ٻاھر تمام گھٽ ويندو ھو ۽ تھران ۾ واقع ھڪ ڪمپائونڊ ۾ پنهنجي زال سان گڏ سادي زندگي گذاريندو ھو۔

چيو ويندو آھي تہ هو شاعري جو شوقين ھو، سندس بابت مشهور آهي تہ جواني ۾ سگريٽ نوشي ڪندا ھو، جيڪو ايران جي مذهبي اڳواڻ لاءِ غير معمولي ڳالهہ آهي۔

1980ع جي ڏھاڪي ۾ قاتلاڻي حملي بعد خامنہ اي جي ساڄي ٻانھن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو

آيت الله سيد علي خامنہ اي کي زال منصورہ خجستہ باقرزادہ مان 6 ٻار آهن، جن ۾ 4 پٽ ۽ 2 ڌيئرون شامل آهن،آمريڪي حملي ۾ سندس هڪ ڌيءُ  ۽ ڏوھٽو بہ شھيد ٿي ويو آھي.

آيت اللھ علي خامنہ اي جو ٻيو پٽ مجتبيٰ خامنہ اي پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري سڀ سڀ کان وڌيڪ سڃاتو ويندو آھي.

خامنہ اي جو پٽ مجتبيٰ ڪيترو طاقتور آھي؟

مجتبیٰ خامنہ ای تھران جي علاوی ھاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي، ھي اهو ئي اسڪول آهي جتي روايتي طور تي ايران جي اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا ٻار پڙھندا آهن۔

سندس شادي اھم شخصيت غلام علي حداد عادل جي ڌيءُ سان ان وقت ٿي جڏھن ھو عالم نہ ٿيو ھو ۽ قم ۾ مذھبي تعليم حاصل ڪرڻ بابت سوچي رھيو ھو، مجتبيٰ 30 سالن جي عمر ۾ قم جي مدرسي مان باقاعدہ مذھبي تعليم حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي.

2000ع جي ڏھاڪي جي وچ تائين ايران جي سياسي معاملن ۾ مجتبیٰ جو اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو، پر ميڊيا ۾ ان بابت تمام گهٽ ڳالهہ ٿيندي هئي۔

سال 2004ع ۾ مجتبیٰ پهريون ڀيرو خبرن جي زينت بڻيو جڏھن تہ صدراتي اميدوار مهدي کروبي آيت الله خامنہ اي جي نالي هڪ کليل خط ۾ مٿس سنگين الزام لڳايا.

2010ع جي ڏھاڪي کان وٺي مجتبیٰ خامنہ ای کي ايران جي بااثر ترين شخصيتن مان هڪ طور ڏٺو ويندو آهي، چيو ويندو ھو تہ آيت الله سيد علي خامنہ اي کيس پنهنجو جانشين جي اميدوار طور ڏسندو ھو، پر ڪجهہ سرڪاري ذريعن ان ڳالھ جي ترديد ڪن ٿا۔

آيت الله، بادشاهه نہ ھو جو پنهنجو عھدو پنهنجي پٽ ڏي منتقل ڪري، تنهن هوندي بہ مجتبیٰ خامنہ اي آيت الله سيد علي خامنہ اي جي رھبر اعليٰ آفيس ۾ ڪافي اثر رکندو آھي، رھبر اعليٰ جي آفيس ڪيترن ئي معاملن ۾ آئيني ادارن کان ڪافي وڌيڪ طاقتور آهي۔

خامنہ اي جو سڀ کان وڏو پٽ مصطفیٰ خامنہ ای آهي، سندس زال مذهبي اڳواڻ عزيز الله خوشوقت جي ڌيءُ آهي۔

مصطفیٰ خامنہ ای ۽ مجتبیٰ خامنہ ای 1980ع جي ڏھاڪي ۾ ايران ۽ عراق جي وچ ۾ جنگ دوران اڳين محاذن تي خدمتون سر انجام ڏنيون۔

آيت اللھ علي خامنہ اي جو ٽيون پٽ مسعود 1972 ۾ پيدا ٿيو، سندس شادي قم جي مدرسي جي ايسوسيئشن سان تعلق رکندڙ عالم سيد محسن خرازي جي ڌيءُ سان ٿي، مسعود خامنہ اي سياسي معاملن کان پري رھي ٿو ۽ سندن باري ۾ معلومات تمام محدود آهي۔

مسعود خامنہ اي هڪ اهڙي اداري کي سنڀاليندو هو جيڪو آيت الله خامنہ اي جي پاليسين کي عام ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو هو، ساڳي وقت هو پنهنجي والد جا ڪم ۽ زندگيءَ بابت دستاويز ۽ يادگيريون محفوظ ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪندو هو۔

خامنہ اي جو سڀ کان ننڍو پٽ ميثيم 1977  ۾ پيدا ٿيو ۽ پنھنجي باقي ٽن ڀائرن جيان اھو بہ عالم آھي، سندس زال هڪ بااثر واپاري محمود لولاچیان جي ڌيءُ آهي، جن بابت مشهور آهي تہ هو 1979ع جي انقلاب کان اڳ انقلابي مذهبي اڳواڻن کي مالي مدد فراهم ڪندو ھو، ميثم پنهنجي وڏي ڀاءُ مسعود خامنہ ای سان گڏ پنهنجي والد جا ڪم محفوظ رکڻ واري ذميوار آفيس ۾ ڪم ڪري چڪو آهي۔

خامنہ اي جون نياڻيون ڪھڙيون آھن؟

آيت الله سيد علي خامنہ اي جي ڌيئرن بشریٰ خامنه ای ۽ ھديٰ خامنه ای بابت ڄاڻ محدود آھي، اهي ٻئي پنهنجن ڀائرن کان ننڍيون آهن ۽ 1979ع جي اسلامي انقلاب کان پوءِ پيدا ٿيون، 1980ع ۾ پيدا ٿيل بشریٰ خامنہ ای جي شادي محمد جاويد گلپايگاني سان ٿي، جيڪو غلام حسين محمد محمدی گلپایگانی جو پٽ آهي، غلام حسين محمد محمدی خامنه اي جي آفيس ۾ چيف آف اسٽاف آھي۔ علي خامنہ اي جي سڀ کان ننڍ ڌيءُ ھديٰ خامنه ای 1981ع ۾ پيدا ٿي ۽ سندس شادي مصباح الهدى  باقری ڪَنی سان ٿي، جيڪو امام صادق يونيورسٽي ۾ پڙھائيندو آھي ….۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں