آمريڪي يونيورسٽي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري جي ڌيءُ کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

آمريڪا جي ايموري يونيورسٽي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني جي ڌيءُ کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي۔

پرڏيهي ميڊيا موجب، سيڪريٽري علي لاريجاني جي ڌيءُ فاطمہ اردشير لاريجاني آمريڪا جي ايموري يونيورسٽي جي ميڊيڪل اسڪول ۾ ملازمت ڪري رھي هئي۔

فاطمه اردشير لاريجاني ايموري يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور هيماٽالاجي ۽ ميڊيڪل آنڪالاجي پڙھائي رھي هئي۔

ايموري يونيورسٽي جي ون شپ ڪينسر انسٽيٽيوٽ تصديق ڪئي آهي تہ هوءَ هاڻي اداري جي ملازم ناهي رھي، جڏھن تہ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي۔

واضح رھي تہ ڪجهہ ڏينهن اڳ آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ميمبر ارل ڪارٽر يونيورسٽي انتظاميہ کي خط لکي مطالبو ڪيو هو تہ فاطمہ لاريجاني کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو وڃي ۽ سندس ميڊيڪل لائسنس پڻ رد ڪيو وڃي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں