آمريڪي ناڻي واري وزير پاران ايران ۾ ڊالر جو شديد بحران پيدا ڪرڻ جو اعتراف

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪا جي ناڻي واري وزير اعتراف ڪيو آھي تہ ايران ۾ ڊالر جي کوٽ پٺيان آمريڪا جو ھٿ ھو.

پرڏيھي ميڊيا موجب آمريڪا جي ناڻي واري وزير کان پڇيو ويو تہ ٽرمپ انتظاميہ ايران تي دٻاءُ وڌائڻ جي پاليسي تحت ڪھڙا قدم کنيا؟

آمريڪي ناڻي واري وزير جوب ۾ چيو تہ اسان ايران ۾ ڊالر جو شديد بحران پيدا ڪيو، ڊسمبر ۾ ھڪ ايراني بينڪ ڊيفالٽ ٿي وئي ۽ بحران شددت اختيار ڪري ويو.

اسڪاٽ ڪينٿ ٻڌايو تہ آمريڪي قدمن سبب ايران جي مرڪزي بئنڪ کي وڌيڪ ڪرنسي نوٽ ڇاپڻا پيا، جنهن سان ايراني ڪرنسي جو قدر گهٽجي ويو، جڏھن تہ نوٽ ڇاپڻ سبب ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي۔

آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب دٻاءُ واري پاليسي تحت واشنگٽن ايران جي تيل جي برآمدات کي بہ ٻڙي ڪري ڇڏيو، جنهن سان معاشي دٻاءُ وڌيو ۽ ڊسمبر ۾ پُرتشدد احتجاج شروع ٿيا۔

رپورٽن موجب ايراني ڪرنسي جي قدر گهٽجڻ خلاف 28 ڊسمبر تي پرامن مظاهرا شروع ٿيا، پر اسرائيلي ڳجھي اداري موساد سان لاڳاپيل منظم گروھ مظاهرن ۾ داخل ٿيا، انهن گروھن مظاهرين، سيڪيورٽي فورسز، سرڪاري عمارتن ۽ مسجدن تي حملا ڪيا۔

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي تہ موساد سان لاڳاپيل گروھن عام ماڻهن جي ڪاوڙ کي تشدد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايران ۾ پُرتشدد مظاهرن دوران 3 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں