آمريڪي قونصليٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ مظاھرين تي ميرينز فائرنگ ڪئي: آمريڪي عملدار

فہرستِ مضامین

آمريڪي اختيارين چيو آهي تہ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۾ مظاھرين تي آمريڪي اھلڪارن فائرنگ ڪئي.

پرڏيھي خابرو اداري سان ڳالھائيندي ٻن آمريڪي عھديدارن چيو تہ آمريڪي ميرينز اھلڪارن مظاھرين تي گوليون ھلايون ، ھلايل گوليون ڪنھن کي لڳيون اھو واضح ناھي ٿي سگھيو.

خابرو اداري موجب آمريڪي ميرينز ڪراچي قونصل خاني واري معاملي تي سوالن جا جواب آمريڪي فوج ڏانھن اماڻي ڇڏيا آھن، آمريڪي فوج ڪراچي قونصل خاني وارو معاملو پرڏيھي کاتي حوالي ڪيو آھي، آمريڪي پرڏيھي کاتي اڃا تائين ان بابت ڪو ردعمل ناھي ڏنو.

آمريڪي عملدارن چيو آھي تہ اھا بہ ڄاڻ ناھي تہ قونصليٽ تي مقرر ٻين سيڪيورٽي اھلڪارن فائرنگ ڪئي يا نہ؟ آمريڪي قونصل خاني جي حفاظت تي مقرر ٻين اھلڪارن ۾ سيڪيورٽي گارڊ ۽ مقامي پوليس شامل آھي

پرڏيھي خابرو اداري جو چوڻ آھي تہ پوليس عملدارن ٻڌايو تہ گوليون قونصل خاني جي احاطي مان ھلايون ويون.

ياد رھي تہ آڍر پاري ڏينھن ڪراچي ۾ مظاھرين آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران ھنگامو ٿيو ھو ۽ ان موقعي تي چڪرين دوران 9 ڄڻا مارجي ويا ھئا…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں