نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا غزہ امن منصوبي وارا 20 نقطا اسان جا نہ آھن، فلسطين بابت اسان قائد اعظم جي پاليسي تي ئي ڪاربند آھيون، غزہ ۾ امن بيانن سان نہ عملي قدمن سان ئي ممڪن ٿيند، صمود فلوٽيلا ۾ شامل پاڪستانين جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون، اڳوڻي سينيٽر مشتاق جي آزاديءَ لاءِ يورپي ملڪن کان مدد ورتي اٿئون.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير اسحاق ڊار چيو تہ غزہ ۾ خونريزي روڪرائڻ ۾گڏيل قومون، يورپي يونين ۽ عالمي ادارا ناڪام ٿي چڪا آھن، وزيراعظم شھباز شريف گڏيل قومن ۾ اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزہ جنگبندي بابت جن 20 نقطن جو اعلان ڪيو آھي اھي اسان جا نہ آھن، ھي ڊرافٽ جيئن جو تئين نہ آھي ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آھي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو تہ 8 ملڪن جي پرڏيھي وزيرن پنھنجون تجويزون تيار ڪري ڏنيون ۽ 20 نقطن تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيھي وزيرن گڏيل بيان جاري ڪيو.
اسحاق ڊار چيو تہ اسلامي ملڪن جي گڏيل بيان ۾ غزھ ۾ امن لاءِ صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي وئي، ھي اسان جو ذاتي مسئلو نہ پر اسلامي ملڪن جي ذميواري آھي.
8ملڪن جي پرڏيھي وزيرن صدر ٽرمپ جي ٽيم سان ملاقات ڪئي ھئي، صدر ٽرمپ جي ٽيم کي مون ٻڌايو تہ اسان جي فلسطين بابت اڄ بہ اھا پاليسي آھي جيڪا قائد اعظم جي ھئي.
شمع جوڻيجو بابت وضاحت ڏيندي اسحاق ڊار طنز ڪندي چيو تہ گڏيل قومن ۾ جيڪو وفد ويندو آھي اھو پرڏيھي وزير جي صحيح سان ويندو آھي، شمع جوڻيجو جو نالو ان لسٽ ۾ نہ ھو. ٻيو وفد وزيراعظم سان گڏ ويندو آھي ان محترمہ جو نالو ان لسٽ ۾ ھو ، شمع جوڻيجو بابت اپوزيشن جي سوال تي اسحاق ڊار چيو تہ اوھان کي شمع تہ نظر اچي ٿي پر ٿنڀا نظر نٿا اچن.