آمريڪي شھرين کي وچ اوڀر جي 14 ملڪن مان فوري نڪرڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور وچ اوڀر جي 14 ملڪن مان نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي۔

آمريڪا پاران جاري ڪيل سفري هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي تہ بحرين، مصر، ايران، عراق، اسرائيل ۽ غزه سميت اردن، ڪويت، لبنان، عمان، قطر، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن ۾ موجود آمريڪي شهري حفاظتي خدشن سبب ملڪ ڇڏي وڃن۔

ٻئي پاسي ڪئنيڊا جي حڪومت بہ پنھنجي شھرين کي فوري طور تي دبئي ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

ڪينيڊين حڪومت جو چوڻ آهي تہ خاص اڏامن جو انتظار نہ ڪيو وڃي، پر زميني رستن وسيلي سعودي عرب يا امن پھچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

ڪينيڊين اختيارين خبردار ڪيو آهي تہ ڪنهن بہ وقت ميزائل يا ڊرون حملي جو خدشو موجود آهي، سيڪيورٽي صورتحال اوچتو وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري شهري فوجي ٺڪاڻن ۽ حساس هنڌن کان پري رھن۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں