آمريڪي سفارتڪار مڪلي قبرستان ۽ شاهجهان مسجد ۾ نقش نگاري ڏسي حيران،” هي ورثو دنيا جو گڏيل اثاثو آهي“.

فہرستِ مضامین

رپورٽ: محمد ميمڻ

ٺٽي جي تاريخي ماڳن جي سحر ۾ جڪڙيل آمريڪي سفارتڪارن تاريخي ماڳن مڪلي قبرستان ۽ شاهجهان مسجد جو دورو  ڪيو، سنڌ جي ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو.

ٺٽو جيڪو صدين کان سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ علم جو مرڪز رهيو آهي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آھي.

 آمريڪي قونصليٽ جي اعليٰ سطحي وفد اڄ مڪلي جي تاريخي قبرستان ۽ عظيم الشان شاهجهان مسجد جو دورو ڪيو.

مڪلي پهچڻ تي معزز مهمانن جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، جتي مڪلي نيڪروپولس جي ڪيوريٽر سيد غيور عباس شاهه ۽ آثار قديمه جي ماهر انجنيئر سرفراز نواز جتوئيءَ کين سنڌ جي هن عظيم ورثي بابت بريفنگ ڏني.

آمريڪي سفارتڪارن سنڌ جي سورمن ۽ سخي مردن جي آخري آرامگاهن تي حاضري ڀري، جن ۾ سلطان ڄام نظام الدين، ڄام تماچي، شهيد دولهه دريا خان ۽ مائي مڪلي جون مزارون شامل هيون.

وفد نقش نگاري کي ڏسي حيران

 وفد مڪلي جي پٿرن تي ٿيل بي مثال نقش نگاري کي ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو، ان کان علاوه، وفد ست چرني، سلطان ابراهيم، عيسيٰ خان ترخان ثاني ۽ مرزا جان بابا جي مقبرن جو پڻ تفصيلي مشاهدو ڪيو.

ان موقعي تي آمريڪي وفد سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اينٽيڪوئٽيز اينڊ آرڪيالوجي پاران انهن تاريخي ماڳن جي تحفظ ۽ بحاليءَ لاءِ ڪيل قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته “سنڌ جو هي ورثو صرف پاڪستان جو نه پر پوري دنيا جو گڏيل اثاثو آهي.”

ياد رھي ته ٺٽو پنهنجي اسلامي طرز تعمير ۽ قديم تاريخ سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهڙن دورن سان سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کي عالمي سطح تي وڌيڪ هٿي ملندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں