آمريڪي رسالي افغان طالبان پارانبـگرام ايـئربيس تـي فـوجي سـامان جي تياري واري دعويٰ کي وائکو ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

افغان طالبان رجيم جي بگرام ايئر بيس تي فوجي سامان جي تياري بابت پروپيگنڊا تي آمريڪي رسالي رپورٽ شايع ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي رسالي موجب سيٽلائيٽ تصويرون ۽ شاهديون ظاهر ڪن ٿيون تٰ بگرام ايئر بيس تي جنگي جهازن ۽ بڪتربند گاڏين جي تياري حقيقت نہ آهي، طالبان رجيم ناڪرا جهازن ۽ بڪتربند گاڏين کي رنگ لڳائي رن وي تي بيهاريو آهي.

آمريڪي رسالي موجب سوشل ميڊيا تي طالبان گمراهہ ڪندڙ پروپيگنڊا طور جنگي مشقون، جهازن جي مرمت ۽ فوجي پريڊ ڏيکاري.

ماهرن جو چوڻ آهي تہ اها رپورٽ اها پريشاني وڌائي ٿي تہ حقيقت ۾ طالبان پنهنجي سيڪيورٽي ضرورتن لاءِ گروپن تي ڀاڙين ٿا.

آگسٽ 2021 ۾ آمريڪي فوج جي نڪرڻ وقت وقت افغانستان ۾ 7.1 ارب ڊالر جا آمريڪي هٿيار ۽ فوجي سازوسامان ڇڏيا ويا، جيڪي طالبان ۽ مختلف شدت پسند تنظيمن وٽ آھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں