آمريڪا ۽ روس وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ڀارت لاءِ خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي، روسي صدر ولامير پيوٽن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏنل ڊيڊلائن تحت يوڪرين سان جنگبندي ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي، ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي نھ ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت سميت روس کان تيل خريد ڪندڙ سمورن ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي.
برطانوي خابرو اداري رائيٽرز جي ھڪ رپورٽ موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڏنل جمعي يعني 9 اگسٽ تائين واري ڊيڊلائن آڏو جھڪڻ لاءِ تيار نھ آھي.
رائيٽرز ڪريملن جي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آھي تھ روسي صدر يوڪرين جا 4 علائقن تي مڪمل قبضو ڪرڻ واري پنھنجي موقف تي قائم آھي، جنھن سان ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.
ٽرمپ جي ڌمڪي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن روسي صدر پيوٽن يوڪرين ۾ جنگبندي لاءِ راضي نه ٿيو ته هو روس تي نيون پابنديون لاڳو ڪندو ۽ انهن ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيريف لاڳو ڪندو، جيڪي روس کان تيل خريد ڪن ٿا، تيل خريد ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏا خريدار ڀارت ۽ چين آھن.
ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊونلڊ ٽرمپ جي اھڙي ڌمڪي تي رد عمل ڏيندي چيو تھ ڀارت “پنهنجي قومي مفادن ۽ معاشي سلامتي جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو.
ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته جمعي کان روس تي نيون پابنديون ۽ روسي توانائي خريد ڪندڙ ملڪن تي وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو ، جيستائين ماسڪو پنهنجي ٽن ۽ اڌ سالن جي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم نٿو کڻي. صدر پيوٽن اڃا تائين ڪنهن به عوامي لچڪ جو اظهار ناهي ڪيو.
ڀارت تيل خريد ڪندو رھندو

رائيٽرز ڀارتي سرڪاري ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو تھ ڀارت، ٽرمپ جي ڌمڪين باوجود، روس کان تيل خريد ڪندو رهندو.
واضح رھي تھ جڏهن کان 2022 ۾ روس يوڪرين تي حملو ڪيو، اولهه طرفان ڀارت تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو ماسڪو کان پري رهي، پر نئين دهلي پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۽ معاشي ضرورتن جو حوالو ڏئي اهو دٻاءُ رد ڪيو.
ٽرمپ اڳ ئي جولاءِ ۾ ڀارتي درآمدن تي 25 سيڪڙو ٽيرف جو اعلان ڪري چڪو آهي، آمريڪي اختيارين موجب مختلف جاگرافيائي سياسي مسئلا آمريڪا-ڀارت واپاري معاهدي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن.
تيل جي خريداري
ڀارت، روس کان سمنڊ وسيلي خام تيل خريد ڪندڙ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، جنوري کان جون 2025 تائين، ڀارت روزانو لڳ ڀڳ 1.75 ملين بيرل روسي تيل خريد ڪيو، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.
ڀارتي حڪومت جي ترجمان موجب يوڪرين جي جنگ شروع ٿيڻ بعد، روايتي سپلاءِ يورپ طرف موڙي وئي، جنهن سبب روس کان تيل خريدڻ عالمي مارڪيٽ جي حالتن موجب مجبوري بڻجي وئي آھي.
ڀارت ان تي به ناراض آهي ته ٽرمپ ڀارت-پاڪستان جنگبندي جو ڪريڊٽ پاڻ ورتو، جنهن جو اعلان هن مئي ۾ سوشيال ميڊيا تي ڪيو هو، جيتوڻيڪ اهو ٻنهي ملڪن جي باهمي فيصلي جو نتيجو هو.