ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ اي شهيد ٿي ويو آھي ، ايران جي سرڪاري ميڊيا آيت الله جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو آهي تہ سڄي ايران ۾ 7 ڏينهن جي موڪل ۽ 40 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪا ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر جي نياڻي، ڏوھٽو ۽ ڏوھٽي بہ شھيد ٿي آھي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي تہ ايران جو سپريم ليڊر پنهنجن ساٿين سان گڏ زيرِ زمين بنڪر ۾ موجود هو، آيت الله علي خامنہ اي جي ڪمپائونڊ تي 30 بم ڪيرايا ويا، ايراني سپريم ليڊر پنهنجن ساٿين سميت شھيد ٿي ويو.
ايراني رياستي ٽي وي سپريم ليڊر جي صلاحڪار علي شمخاني ۽ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر پاڪپور جي شھادت جي بہ تصديق ڪئي آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب سپريم ليڊر جي شهادت کانپوءِ ايران جي شهر مشهد ۾ حرم امام رضا جي گنبذ تي ڪارو جهنڊو لھرايو ويو آھي، جيڪو سوڳ جي موقعن تي لھرائبو آهي۔
ايراني ميڊيا موجب آيت الله علي خامنه اي جي شھادت تي مشهد ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي۔ آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ مشهد ۾ عوام وڏي انگ ۾ گڏ ٿي وئي آھي.