آمريڪا پاران ’بي ايل اي‘ ۽ ’مجيد برگيڊ‘عالمي دھشتگرد تنظيمون قرار، پاڪستان پاران آجيان

فہرستِ مضامین

آمريڪا بلوچستان ۽ سنڌ اندر دھشتگرد ۽ تخريبي ڪارروائين ۾ ملوث بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ ان جي مجيد برگيڊ گروپ کي عالمي دھشتگرد تنظيمون قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو  تھ آمريڪي پرڏيھي کاتي بلوچستان لبريشن آرمي ۽ ان جي گروپ مجيد برگيڊ کي اڄ کان پرڏيھي دھشتگرد تنظيمون قرار ڏنو آھي.

آمريڪي پرڏيھي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ بي ايل اي وانگر، مجيد برگيڊ کي به عالمي دهشتگردن جي خصوصي لسٽ اسپيشلي ڊيزينيٽڊ گلوبل ٽيررسٽ (ايس ڊي جي ٽي) ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.

بي ايل اي کي 2019 ۾ دھشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو

بي ايل اي کي ڪيترن ئي دھشتگرد حملن کانپوءِ 2019 ۾ ايس ڊي جي ٽي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ھو، 2019 کانپوءِ بي ايل اي سان گڏو گڏ مجيد برگيڊ بھ وڌيڪ حملن جي ذميواري قبول ڪئي ھئي.

بي ايل اي 2024 ۾ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ۽ گوادر پورٽ اٿارٽي ڪمپليڪس ويجهو آپگھاتي حملن جي ذميواري قبول ڪئي ھئي. 2025 ۾ بي ايل اي جعفر ايڪسپريس ٽرين کي ھاءِ جيڪ ڪرڻ جي ذميواري بھ قبول ڪئي ھئي.

جعفر ايڪسپريس ٽرين تي حملي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام ماڻهن سميت 31 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ھئا ۽ ٽرين جي 300 کان وڌيڪ مسافرن کي يرغمال بڻايو ويو ھو.

آمريڪي پرڏيھي کاتي موجب بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو قدم دهشتگردي خلاف ٽرمپ انتظاميه جي عزم جي تصديق ڪري ٿو ۽ اھو دهشتگرد سرگرمين جي حمايت کي محدود ڪرڻ جو هڪ اثرائتو طريقو آهي.

پاڪستان پاران آمريڪي قدم جي آجيان

پاڪستان بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ مجيد برگيڊ کي عالمي دھشتگرد تنظيمن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪئي آھي.

پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ ان جي گروپ مجيد برگيڊ کي 18 جولاءِ 2024 کان دھشتگرد تنظيمن طور ڪالعدم قرار ڏئي چڪو آھي.

پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث رھيون آھن، جن ۾ جعفر ايڪسپريس کي ھاءِ جيڪ ڪرڻ ۽ خضدار بس حملي جا واقعا بھ شامل آھن.

بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف هڪ مضبوط ڀت بڻيل آھي، اسان جي قربانين نه رڳو ملڪ جي استحڪام لاءِ پر خطي جي استحڪام ۽ عالمي سلامتي لاءِ به دهشتگردي خلاف ڪاميابين کي ممڪن بڻايو آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. اسان هن گڏيل چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان سھڪار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

بلوچستان حڪومت پاران به آمريڪي اعلان جي آجيان

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بھ بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي عالمي دھشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ واري آمريڪي اعلان جي آجيان ڪندي ان جي واکاڻ ڪئي.

ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنھنجي ھڪ بيان ۾ وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي انتظاميا آڏو پاڪستان جو موقف اثرائتي نموني پيش ڪيو.

سرفراز بگٽي چيو ته بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ جا ماڻهو لساني ۽ نسلي حقن جي پردي جي آڙ ۾ ڊگھي عرصي کان معصوم شھرين جو رت وھائي رھيا آھن.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جي ڪنھن بھ صورت کي جائز قرار ڏئي نھ ٿو سگھجي، ڪو بھ مقصد معصوم شھرين جي قتل کي جائز نھ ٿو بڻائي سگھي، دنيا کي دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں