آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آھي تہ آمريڪي فوج آبنائي هرمز ڀرسان موجود ايراني ميزائل سائيٽن کي طاقتور “بنڪر بسٽر” بم ذريعي نشانو بڻايو آهي، جيڪي زمين هيٺ بنڪرز کي تباهہ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تہ آمريڪي فوج ايران جي سامونڊي علائقن ۾ موجود مضبوط ميزائل اڏن تي ڪاميابي سان ڪيترائي 5000 پائونڊ وزني بم استعمال ڪيا، جيڪي خاص طور زيرِ زمين هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن۔
آمريڪي فوج موجب انهن هنڌن تي موجود ايراني اينٽي شپ ڪروز ميزائل آبنائي هرمز مان گذرندڙ عالمي سامونڊي واپار لاءِ خطرو بڻجي رھيا هئا، جنهن سبب هي ڪارروائي ڪئي وئي۔
ٻئي پاسي ايران طرفان هن اهم سامونڊي رستي جي بندش سبب دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل جي فراهمي متاثر ٿي آهي، جنهن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌارو ٿيو آهي۔
رپورٽن موجب آمريڪا جا اهي “بنڪر بسٽر” بم انهن وڌيڪ طاقتور بمبن کان ڪجهہ گهٽ اثرائتا آهن، جيڪي گذريل سال ايران جي ٽن زيرِ زمين جوھري تنصيبات تي حملي دوران استعمال ڪيا ويا هئا۔…..