آمريڪا وچ اوڀر ۾ جديد ريڊار جھاز جي مقرري شروع ڪري ڇڏي آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب آمريڪا وچ اوڀر ۾ جديد ريڊار سسٽم نصب ٿيل جھاز مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن.
ھي جھاز ڊگھي فاصلي تائين ڊرونز، ڪروز ميزائل ۽ جنگي جھازن جو پتو لڳائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ان کان اڳ آمريڪي صدر آبنائي ھرمز کولرائڻ لاءِ مدد نہ ڪرڻ تي دنيا سان ناراضگي جو اظھار ڪيو ھو، ٽرمپ ڪنھن کي طعنا ڏنا تہ ڪنھن ڌمڪي تہ وري ڪنھن کي مياريون ڏنيون.
آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ اسان نيٽو جي دفاع تي اربين ڊالرز خرچ ڪيا، اسان جي دفاع لاءِ اھو موجود ناھي…..