آمريڪا غزا ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگبندي جو ٺھراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ )  آمريڪا ھڪ ڀيرو ٻيھر غزا ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگبندي جو ٺھراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو.

پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايندڙ ھفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 ھين اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي آمد جو امڪان آھي، ان دوران غزہ ۽ قطر ۾ وڌندڙ بحران سبب عالمي سفارتي ترجيحون نئين سر ترتيب ڏنيون پيون وڃن، جن جا پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي بہ اثر پئجي سگھن ٿا.

خميس ڏھاڙي واشنگٽن پنھنجي روايت موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ھڪ ٺھراءُ جو مسودو ويٽو ڪيو، جنھن ۾ غزا ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگبندي کان علاوہ اسرائيل  کان فلسطين علائقن ۾ امداد پھچائڻ تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ھو.

آمريڪا اسرائيل جو ساٿ ڏنو

ھي ٺھراءُ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 10 ميمبرن تيار ڪيو ھو، ان کي 14 ووٽ مليا، پر آمريڪا ڇھون ڀيرو ٺھراءَ کي ويٽو پاور استعمال ڪري اسرائيل جو ساٿ ڏنو.

گذريل ھفتي ھڪ اھم موقعي تي آمريڪا سلامتي ڪائونسل جي ھڪ بيان جي حمايت ڪئي ھئي، جنھن ۾ قطر تي تازن حملن جي مذمت ڪئي وئي پر متن اسرائيل جو ذڪر شامل نہ ھو.

آمريڪي سينيٽ ۾ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو ٺھراءُ

ھڪ ٻي غير معمولي اڳڀرائي ۾ آمريڪي ڊيموڪريٽ سينيٽرز ھڪ ٺھراءُ پيش ڪيو ھو، جنھن ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو پر آمريڪي سينيٽ جي ايوان ۾ اھڙو ٺھراءُ منظور ٿيڻ جا امڪان گھٽ آھي، ڇو تہ صدر ٽرمپ جي ريپبلڪن پارٽي کي 53 جي مقابلي ۾ 47 جي اڪثريت حاصل آھي، پر ٺھراءُ آمريڪا کان فلسطيني تيار کي ھڪ محفوظ اسرائيل سان گڏ تسليم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.

ٻي پاسي ايندڙ ھفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 ھين اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي آمد جو امڪان آھي،  وزيراعظم شھباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ھڪ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس ۾ بہ شرڪت ڪندو، جنھن جو موضوع فلسطين جي پر امن حل ۽ ٻہ رياستي حل تي عملدرآمد آھي، ھي ڪانفرنس سومر ڏھاڙي ٿيندي، ان دوران پاڪستاني وفد جي عرب ۽ مسلم اڳواڻن سان مشاورت ضرور ٿيندي.

سفارتڪاري جو ورلڊ ڪپ

جنرل اسيمبلي جي اجلاس بابت ھڪ پريس بريفنگ ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ ھو تہ ھن ڀيري جنرل اسيمبلي  جو اجلاس ھنگامي حالتن ۾ ٿي رھيو آھي، ھن نشاندھي ڪئي تہ لڳ ڀڳ 150 رياستن جا سربراھ ۽ ھزارين سفارتڪار نيويارڪ ۾ سفارتڪاري جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندا.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ٿيندڙ ٻين اجلاسن جي ايجنڊا تبديل ٿي وئي آھي، جتي ھاڻي اوڀر سينٽرل جي اڳواڻن جي سفارتڪاري غالب رھندي، واشنگٽن ۾ سفارتي ذريعن جو چوڻ آھي تہ ان صورتحال سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم شھباز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ملاقات جو شيڊول تبدلي ٿي سگھي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں