آمريڪا سڌي ريت ايراني اڳواڻن کي نشانو بڻائي سگھي ٿو: پرڏيھي ميڊيا

فہرستِ مضامین

ايران آمريڪا جنگ جا خدشا وڌي ويا آھن، ويڙھاڪ جھازن سان ڀريل ٻيو آمريڪي جھاز ايران ويجھو پھچي ويو آھي.

پرڏيھي ميڊيا موجب آمريڪا سڌي ريت ايراني اڳواڻن کي نشانو بڻائي ايران حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

آمريڪا اردن جي ايئربيس تي بہ گھٽ ۾ گھٽ 60 ويڙھاڪ جھاز بيھاري ڇڏيا آھن.

ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آھي تہ عالمي طاقتو ايران کي جھڪڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ صف بندي ڪري رھيون آھن، ايران دٻاءُ آڏو ڪڏھن بہ نہ جھڪندو.

ٻئي پاسي گڏيل ايومن ايران آمريڪا ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري کي ترجيح ڏني وڃي.

ايران گذريل ڏينھن گڏيل قومن کي خط لکيو ھو تہ ايران ڪنھن بہ جارحيت جي صورت ۾ دفاع جو حق استعمال ڪندو ۽ ان نتيجن جي ذميوار آمريڪا ھوندي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں