آمريڪا سان ڳالھين جا رستا کليل آھن پر حملو ٿيو تہ جنگ لاءِ بہ تيار آھيون: ايران

فہرستِ مضامین

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي تہ مظاهرن ۾ شامل 70 سيڪڙو ماڻهن کي پرڏيهي عنصرن ڀڙڪايو، 30 سيڪڙو مظاهرين پرامن هئا ۽ انهن جا مطالبا جائز هئا.

هن چيو تہ حڪومت حالتن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي ۽ جلد ئي انٽرنيٽ سروس بہ بحال ڪئي ويندي.

ھن چيو تہ گذريل ڪجھ ڏينھن ۾ ايران ۾ پرامن مظاھرا پر تشدد مظاھرن ۾ تبديل ٿيا، ٻن ھفتن مظاھرن دوران 350 مسجدن کي باھيون ڏنيون ويون پر ايراني فورسز پرتشدد مظاھرن دوران وڌ کان وڌ تحمل جو مظاھرو ڪيو، مظاھرين جا مطالبا جائز ھئا ۽ حڪومت ٻڌي رھي ھئي

ايراني پرڏيهي وزير چيو تہ ٽرمپ جي مداخلت واري ڳالهہ کان پوءِ احتجاج خوني ٿي ويا، جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ڪري سگهجي.

ايراني پرڏيھي وزير وڌيڪ چيو تہ جنگ ۽ ڳالهين ٻنھي لاءِ تيار آھيون

ڪنھن بہ ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪيون ٿا : چين جو ردعمل

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران تي حملي جي ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي چين چيو آهي تہ هو عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ اسان هميشہ ڪنهن بہ ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مخالفت ڪئي آهي.

هن چيو تہ ڪنهن بہ ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي جو عالمي قانونن موجب تحفظ ضروري آهي.

صدر ٽرمپ ايران ۾ جاري مظاهرن دوران بار بار چوندو رھيو تہ جيڪڏھن ايراني حڪومت مظاهرين تي گوليون هلائيندي تہ آمريڪا ڪارروائي ڪندو.

صدر ٽرمپ چيو هو تہ ايران جي حڪمرانن سب حدون پار ڪيون آھن ۽ هاڻي آمريڪا مختلف آپشنز تي غور ڪري رھيو آهي.

آمريڪا مظاهرين جي مارجڻ واري معاملي تي ايران ۾ مداخلت جي ڌمڪي ڏيڻ سان گڏ اھا بہ دعويٰ ڪئي تہ ايراني قيادت انهن سان رابطو ڪيو آهي ۽ اهي ڳالھيون ڪرڻ چاهين ٿا.

صدر ٽرمپ اهو بہ چيو تہ آمريڪا کي ملاقات کان اڳ بہ ڪارروائي ڪرڻي پئجي سگهي ٿي.

صدر ٽرمپ وڌيڪ وضاحت نہ ڪئي تہ آمريڪا ڪهڙن قدمن تي غور ڪري رھيو آهي، پر هن چيو تہ اسان ڪجهہ انتهائي سخت آپشنز تي غور ڪري رھيا آهيون.

ذريعن موجب صدر ٽرمپ کي ايران تي امڪاني فوجي حملن جي آپشنز بابت بريفنگ ڏني وئي آھي.

مخالف ڪنھن “غلط فھمي” نہ رھن، حملو ٿيو تہ ان لاءِ مڪمل تيار آھيون: ايراني پرڏيھي وزير

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي تہ ايران جنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

تهران ۾ غير ملڪي سفيرن کي خطاب ڪندي عراقچي مخالفن کي خبردار ڪيو تہ ايران جنگ نٿو چاهي، پر جيڪڏھن جنگ مڙھي وئي تہ ايران ان لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيار آهي.

هن گذريل سال جون ۾ اسرائيل سان 12 ڏينهن واري جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته “ ايران ان کان بہ وڌيڪ تيار آهي”.

عراقچي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش جو دفاع ڪندي چيو تہ اها تڏھن تائين جاري رھندي، جيستائين اسان پڪ نہ ڪري وٺون تہ هاڻي ڪو بہ خطرو باقي ناهي.

ايراني پرڏيهي وزير چيو تہ اهي مظاهرا هاڻي دهشتگرد ڪاررواين ۾ تبديل ٿي رھيا آهن.

هن چيو تہ ايران جا دروازا ڳالهين لاءِ کليل آهن، پر اهي منصفاڻا ۽ برابري جي سطح تي ٿيڻ گهرجن.

فسادين جي مذمت لاءِ ايراني عوام روڊن تي نڪري آيو : پريس ٽي وي جي دعويٰ

پريس ٽي وي پنهنجي ٽيليگرام چينل تي ان حوالي سان تصويرون بہ شيئر ڪيون آهن، جن بابت ٻڌايو ويو آهي تہ انهن ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي.

ايران جي سرڪاري نيوز چينل پريس ٽي وي موجب “پرڏيهي حمايت يافتہ فسادين جي مذمت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ايراني عوام روڊن تي آھي.

ٽرمپ پاڻ کي وينيزويلا جو وقتي صدر قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ هو پاڻ کي “وينزويلا جو وقتي صدر” طور پيش ڪري رھيو آهي.

ٽرمپ اعلان ڪيو تہ جنوري 2026 کان هو ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي عبوري اڳواڻ طور ڪم ڪري رھيو آهي.

ياد رھي تہ آمريڪا 3 جنوري تي وينزويلا ۾ فوجي ڪارروائي ڪئي هئي، جنهن دوران مادورو ۽ سندس زال سيليا فلوريس کي گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيارن سان لاڳاپيل الزامن تحت نيويارڪ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ٽرمپ چيو آهي تہ سندس انتظاميہ عبوري دور ۾ وينزويلا ۽ ان جي تيل جي اثاثن جي نگراني ڪندي.

پاسدارانِ انقلاب جو موساد جي ٻن ايجنٽن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ايران جي طاقتور فوجي دستي پاسدارانِ انقلاب چيو آهي تہ ان جي انٽيليجنس ونگ ملڪ جي اتر اوڀر ۾ ٻن مبينا موساد ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آهي.

تسنيم نيوز ايجنسي اتر خراسان صوبي ۾ پاسدارانِ انقلاب انٽيليجنس آرگنائيزيشن جي هڪ ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو تہ ٻن موساد سان لاڳاپيل جاسوسن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي تہ گرفتار ڪيل ماڻهو موساد جي “دهشتگرد نيٽورڪس” جي ڪمانڊرن طور ڪم ڪري رھيا هئا، جاسوس فسادين ۽ وڏي پيماني تي تشدد کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھيا هئا.

وڌيڪ چيو ويو آھي تہ ايجنٽنس وٽان مواصلاتي ۽ جاسوسي سامان، هٿيار ۽ گولا بارود پڻ ضبط ڪيو ويو آهي۔

سعودي ايران جي مظاھرن کي ڪيئن ڏسي رھيو آھي؟

جيئن ئي ايران ۾ مظاهرا ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي رھيا آهن، سعودي ميڊيا هڪ تنقيدي موقف اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ مظاهرين جي مارجڻ ۽ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش جي خبرن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

11 جنوري تي ايراني مظاهرا العربیہ ٽي وي جي خبرن جو اهم موضوع هئا، چينل چيو تہ مظاهرين خلاف تشدد ۾ واڌ ٿي آهي، گهٽ ۾ گهٽ 116 ماڻهو مارجي ويا ۽ 2600 گرفتار ڪيا ويا آهن.

اهو بہ ٻڌايو ويو تہ انٽرنيٽ جي مڪمل بندش سبب احتجاج جي حد جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

ايراني معاملن جي هڪ تجزئي  نگار ٻڌايو تہ ايراني اختياريون ٻن محاذن تي جنگ لاءِ تياري ۾ آھن.

ياد رھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مظاهرين جي مارجڻ بابت ڪيترائي ڀيرا مداخلت جي ڌمڪي ڏني آھي.

ايراني قيادت ڳالھين لاءِ رابطو ڪيو، ملاقات کان اڳ ڪارروائي ڪرڻي پئجي سگھي ٿي : ٽرمپ

ايران خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن آمريڪا طرفان حملو ڪيو ويو تہ هو جوابي ڪارروائي ڪندو.

برطانوي خابرو اداري جي ذريعن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن موجب حڪومتي ڪريڪ ڊائون ۾ شدت اچڻ سبب هينئر تائين سوين مظاهرين مارجي چڪا آهن.

تھران ۾ موجود ذريعن دعويٰ ڪئي تہ “هتي حالتون انتهائي خراب آهن، اسان جا ڪيترائي دوست مارجي ويا آهن،سيڪيورٽي فورسز سڌو سنئون گوليون ھلائي رھي ھئي، هتي جنگي علائقي جهڙو منظر آهي، روڊ رت سان ڀريل آهن، لاش ٽرڪن ۾ وجھي کنيا پيا وڃن.

برطانوي خابرو اداري تھران ويجھو ھڪ مردہ خاني جي فٽيج ۾ تقريبن 180 لاش جا بيگ ڳڻيا،  آمريڪا ۾ قائم هيومن رائٽس ايڪٽوسٽ نيوز ايجنسي دعويٰ ڪري ٿي تہ ملڪ ۾ 495 مظاهرين ۽ 48 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي چڪا آهن.

ساڳي ايجنسي دعويٰ ڪئي تہ گذريل ٻن هفتن جي بدامني دوران وڌيڪ 10 ھزار 600 ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ويو.

آمريڪا مظاهرين جي مارجڻ واري معاملي تي ايران ۾ مداخلت جي ڌمڪي ڏني آهي، پر آچر ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايراني قيادت انهن سان رابطو ڪيو آهي ۽ اهي ڳالھيون ڪرڻ چاهين ٿا.

ايران فون ڪري ڳالھين لاءِ چيو آھي : ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايئرفورس ون تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ “  ايران ڳالهين لاءِ راضپو ظاھر ڪيو آھي.

ٽرمپ هڪ رپورٽر کي بغير تفصيل ٻڌائڻ جي چيو تہ ھا گذريل ڏينھن انھن فون ڪئي ھئي

هن چيو تہ ايران جا اڳواڻ ڳالھيون ڪرڻ چاهين ٿا.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو تہ ممڪن آهي انهن سان ملاقات ڪريون، منهنجو مطلب آهي ته ملاقات جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، پر جيڪي ڪجهہ ٿيو آهي، ان سبب اسان کي ڪجهہ قدم کڻڻا پئجي سگهن ٿا.

ايران جو پرچم لاھڻ خلاف احتجاج، برطانوي سفير کي ايران جي پرڏيھي کاتي ۾ طلب ڪيو ويو

لنڊن ۾ ايراني سفارتخاني اڳيان احتجاجي ريلي ۽ اسلامي جمهوريت جو پرچم هٽائڻ کانپوءِ تھران ۾ برطانوي سفير کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

ايراني نشرياتي اداري موجب، ايراني پرڏيهي وزارت برطانوي حڪومت تي الزام لڳايو آهي تہ اها ملڪ جي سفارتي مقامن جي تحفظ ۾ ناڪام رھي آهي ۽ مظاهرن بابت “مداخلت پسند” بيان ڏئي رھي آهي.

ياد رھي تہ ڇنڇر جي ڏينهن لنڊن ۾ ايراني سفارتخاني جي عمارت اڳيان هڪ ريلي دوران، مظاهرين ايران جو پرچم هيٺ ڪيو ھو .

لنڊن پوليس هن واقعي جي سلسلي ۾ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ هڪ وڌيڪ شخص جي ڳولا جاري آهي.

پُرامن احتجاج عوام جو حق آهي، پر هٿياربند گروپن کي سختي سان منھن ڏنو ويندو: ايراني صدر

ايراني صدر مسعود پزشڪيان ملڪ ۾ جاري مظاهرن دوران پنهنجي حڪومت جي معاشي پاليسين جو دفاع ڪيو آهي. صدر پزشڪيان تسليم ڪيو تہ عوام ۾ معيشت بابت شديد پريشاني آهي ۽ اندازو لڳايو تہ 80 کان 90 سيڪڙو ماڻهن جا خدشا جائز آهن، حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھي آهي.

هُن عزم ظاهر ڪيو تہ معيشت ۾ موجود خامين کي درست ڪيو ويندو ۽ ايران موجودہ بحران تي قابو ڪري وٺندو.

ايراني قوم جلد ان ظلم مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي : نيتن ياھو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو اميد ظاهر ڪئي آهي تہ ايران جلد  ئي “ظالم جي قيد” مان آزاد ٿي ويندو.

اسرائيلي وزيراعظم ڪابينا جي هفتيوار اجلاس ۾ چيو تہ “اسان سڀ اميد ڪريون ٿا تہ ايراني قوم جلد ئي ظلم مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ۽ جڏھن اهو ڏينهن ايندو تہ اسرائيل ۽ ايران ٻيهر ٻنهي قومن لاءِ خوشحالي ۽ امن سان ڀريل مستقبل جي تعمير لاءِ وفادار ڀائيوار بڻجندا.

ايران ۾ ٻہ هفتن دوران 114 سرڪاري اهلڪار مارجي ويا : ايراني نيوز ايجنسي

ايران جي خابرو اداري تسنيم جاري بدامني دوران مارجي ويل سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي تازي فهرست جاري ڪئي آهي.

تسنيم موجب 11 جنوري تائين مجموعي طور 114 اهلڪار مارجي چڪا آهن، اهي انگ اکر صوبي وار فهرست جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن، جن کي تسنيم موجب مسلسل اپڊيٽ ڪيو ويندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ مارجي ويلن ۾ پوليس، پاسدارانِ انقلاب اسلامي ۽ ان جي نيم فوجي تنظيم بسيج جا اهلڪار شامل آهن.

مرڪزي صوبو اصفهان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي 30 ڄڻا مارجي ويا، ان کانپوءِ قزوين ۾ 9، جڏھن تہ ٻين ڪيترن صوبن ۾ هڪ کان اٺ ڄڻن تائين ماڻھو مارجي ويا…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں