آمريڪا جي جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ سخت برفاني طوفان سبب زندگي جو نظام مفلوج ٿي ويو آهي، جڏھن تہ 5 ڪروڙ 40 لک ماڻهن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي۔
نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ڊيلاويئر سميت 6 رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شدید موسم سبب 15 هزار کان وڌيڪ اڏامون دير جو شڪار ٿيون آهن، جڏھن تہ ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن۔
نيويارڪ سٽي ۾ اڄ رات 9 وڳي کان سڀاڻي 12 وڳي تائين غيرضروري سفر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔ شهر جي ميئر ظهران ممداني پاران نيويارڪ سٽي ۾ اسڪول بند رکڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔
موسميات کاتي موجب نيويارڪ سٽي ۾ 18 کان 24 انچ تائين برفباري جو امڪان آهي، جڏھن تہ ٻين علائقن ۾ 28 انچ تائين برف پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔……