آمريڪا ھڪ پاسي پاڪستان سان اھم تجارتي معاھدو ڪري ورتو آھي تھ ٻئي پاسي ڀارت جي 8 آئل ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي، 5 ڀارتي شھري بھ پابندين جي زد ۾ اچي ويا آھن.
آمريڪي پرڏيھي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 2018 واري ھڪ حڪمنامي تحت 5 ڀارتي شھرين خلاف بھ پابندي لڳائي وئي آھي.
پڌرائي موجب اھي شھري ايران جي سپريم ليڊر علي خامنائي جي اعليٰ سياسي صلاحڪار علي شمخاني جي پٽ محمد حسين شمخاني جي شپنگ ڪمپني سان تجارتي سرگرمين ۾ شريڪ ھئا.
آمريڪي پرڏيھي وزارت موجب پابندي ھيٺ آيل ڀارت جون 8 آئل ڪمپنيون ايراني پيٽروڪيميڪل امپورٽ ڪري رھيون ھيون، جنھن جي تجارت تي آمريڪا پاران پابندي لڳائي وئي آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ ڀارت سميت مختلف ملڪن تي ڳرا ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي، ٽرمپ برازيل تي سخت ترين 50 سيڪڙو ٽيرف ۽ ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي.
معاهدي ۾ ڇا آهي؟
پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ واپاري معاهدو ڪاميابي سان طئي ٿي ويو آهي. هن معاهدي جو مقصد ٻطرفي واپار کي ھٿي ڏيڻ، مارڪيٽ تائين رسائي وڌائڻ، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي دلچسپي جي شعبن ۾ سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ آھي
ناڻي واري وزارت موجب اھا اڳڀرائي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي واپار واري آمريڪي وزير هاورڊ لٽنڪ ۽ آمريڪي تجارتي نمائندي جيميسن گريئر سان ملاقات دوران ٿي.
معاهدي جو اعلان ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي پنهنجي پوسٽ ذريعي ڪيو ھو.
ناڻي واري وزارت موجب پاڪ-آمريڪا تجارتي معاهدي جي نتيجي ۾ گڏيل ٽيرف ۽ خاص ڪري آمريڪا ۾ پاڪستاني شين تي ٽيرف ۾ گھٽتائي ايندي.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب هي معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم اقتصادي شعبن، خاص طور توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين شعبن ۾ اقتصادي سھڪار جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندو.
پاڪستاني ڀارت کي تيل وڪرو ڪندا
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سان واپاري معاهدي جو اعلان ڪرڻ وقت ھڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي طنز جو نشانو بڻايو.

پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽــُرٿ سوشل” تي پوسٽ ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان اڄ وائيٽ هائوس ۾ واپاري معاهدن تي ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻو مصروف آهيون، مون ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهايو آهي، جن مان هر هڪ چاهي ٿو ته آمريڪا کي خوش ڪيئن ڪجي.
صدر ٽرمپ چيو ته اسان پاڪستان سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل طور پاڪستان ۾ تيل جي وسيع ذخيرن کي ھٿي وٺرائيندا.
صدر ٽرمپ ڀارت تي چٿر ڪندي چيو تھ ڪھڙي خبر تھ شايد اھي (پاڪستاني) هڪ ڏينهن ڀارت کي تيل وڪرو ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته ٻيا ملڪ به ٽيرف ۾ گهٽتائي جون آڇون ڪري رهيا آهن، اهي سڀئي قدم اسان جي تجارتي خساري کي وڏي حد تائين گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا.
پاڪ-آمريڪا تجارتي معاھدي سان ڇا ٿيندو؟
ناڻي واري وزارت موجب هي معاهدو آمريڪا سان پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ جي جاري ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
هن معاهدي تحت ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي مارڪيٽن تائين بهتر رسائي حاصل ڪندا ۽ پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ ترقياتي منصوبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ جي اميد آهي.
ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سوشل ميڊيا تي پنهنجي ھڪ بيان ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو تھ آمريڪا سان تجارتي معاھدو طئي ٿي چڪو آھي.