آمريڪا جون جھڙي غلطي نہ ورجائي، اسان جي عزم کي بمباري سان نٿو ٽوڙي سگھجي: ايراني پرڏيھي وزير

فہرستِ مضامین

تهران : ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي تہ هو جون ۾ ايران تي حملي جهڙي غلطي نہ ورجائي.

هڪ انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو تہ ايران ۾ امن قائم آهي ۽ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، جڏھن تہ حڪومت جو احتجاج ڪندڙن کي ڦاهي ڏيڻ جو ڪو منصوبو ناهي.

هن چيو تہ اسان جي عزم کي بمباري سان نٿو ٽوڙي سگهجي، آمريڪا جون جهڙي غلطي ورجائي تہ نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو اڳ ۾ نڪتو هو.

سندس چوڻ هو تہ احتجاج ۾ موجود عنصرن کي ٻاهران ڪنٽرول ڪيو ويو، ڪجهہ احتجاجن پوليس اهلڪارن تي گوليون هلايون، پوليس اهلڪارن کي جيئرو ساڙيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں