آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه آسمان تي پهچي ويا

فہرستِ مضامین

لنڊن: وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد تيل جا اگهه هڪ مهيني جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برينٽ خام تيل جي قيمت 2.77 ڊالر يا 3.14 سيڪڙو واڌ سان 90.87 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جيڪا 11 جون کان پوءِ بلند ترين سطح آهي.

رپورٽ موجب گذريل هفتي برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 15.9 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو اپريل کان پوءِ سڀ کان وڏو هفتيوار اضافو آهي.

ٻئي طرف آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) خام تيل جي قيمت به 2.35 ڊالر يا 2.85 سيڪڙو واڌ سان 84.84 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جيڪا 12 جون کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح آهي.

گذريل هفتي ڊبليو ٽي آءِ خام تيل جي قيمت ۾ 15.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو مارچ جي شروعات کان پوءِ سڀ کان وڏو هفتيوار اضافو قرار ڏنو پيو وڃي.

هوڏانهن آمريڪا ۾ به پيٽرول جي پرچون اگهن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي في گيلن قيمت 4 ڊالر کان وڌي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگي ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا ڪي به آثار نظر نٿا اچن. گذريل رات به آمريڪا ايران تي حملا ڪيا، جڏهن ته ايران پڻ خطي ۾ آمريڪي هدفن تي جوابي ڪارروايون ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں