واشنگٽن/تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ جا اثر عالمي تيل مارڪيٽ تي پڻ پئجي ويا آهن، جتي ايران جي لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي حملي ۽ تهران جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ خام تيل جون قيمتون هڪ ڊالر وڌيڪ في بيرل وڌي ويون آهن.
رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن ۽ واپاري حلقن ۾ خدشا وڌي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي قيمتن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 1.08 ڊالر، يعني 1.23 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 89.18 ڊالر في بيرل ٿي وئي.
ٻئي طرف آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) خام تيل جي قيمت 92 سينٽ، يعني 1.10 سيڪڙو وڌي 84.32 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ واڌ واري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جنهن سبب عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ غير يقيني صورتحال وڌي رهي آهي.
تجزيه نگارن موجب موجوده صورتحال ڪيترو وقت برقرار رهندي، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ ڇڪتاڻ ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪيترن ئي هفتن تائين جاري رهي سگهي ٿي.
واضح رهي ته آمريڪا ايران جي لارڪ ٻيٽ تي فضائي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب جي ٻن راڪيٽ لانچرن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.
آمريڪي اختيارين موجب اهي لانچر آبنائي هرمز ڏانهن سامونڊي بارودي سرنگون کڻي ويندڙ ميزائل فائر ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا.
ٻئي طرف ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي ته لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي حملي ۾ ڪيترائي ايراني اهلڪار ۽ شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا.
لارڪ ٻيٽ تي حملي کانپوءِ ايران اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب هاڻي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته خطي ۾ جاري تڪرار جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي سگهي ٿو، جنهن جا اثر عالمي توانائي مارڪيٽ، تيل جي فراهمي ۽ قيمتن تي پڻ پئجي سگهن ٿا.