آفتاب شعبان ميراڻي، جنھن جو نالو جنرل ڪياني صدارت لاءِ نامزد ڪيو ھو

فہرستِ مضامین

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ سينيئر سياستدان آفتاب شعبان ميراڻي لاڏاڻو ڪري ويو، صدر آصف علي زرداري سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪيو آھي.
آفتاب شعبان ميراڻي ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل ھو جتي علاج دوران ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو .
آفتاب شعبان ميراڻي 28 نومبر 1937ع تي شڪارپور جي علائقي ڳاھيجا ۾ پيدا ٿيو، ھن شروعاتي تعليم بہ پنھنجي اباڻي شھر مان ئي حاصل ڪئي.
آفتاب شعبان ميراڻي سياسي ڪيريئر جي شروعات پيپلزپارٽي مان ڪئي، سندس شمار شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجھن ساٿين ۾ ٿئي ٿو، ھو شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين ڪابينا ۾ بہ شامل رھيو.
آفتاب شعبان ميراڻي شھيدبينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ بچاءَ واري وزير طور ذميواريون نڀايون، ھو 1993ع کان 1996ع تائين بچاءَ وارو وزير رھيو.
سنڌ ۾ جڏھن امن امان جو مسئلو ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو تہ سيد قائم علي شاھ کي ھٽائي کيس سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو، ۽ ھو سنڌ جو 18ھون وڏو وزير بڻيو، جڏھن تہ سياسي ڪيريئر دوران ڪيترائي ڀيرا ايم پي اي ۽ ايم اين اي بہ رھيو.
آفتاب شعبان ميراڻي 2008 ۾ اين اي 202 شڪارپور تان ايم اين اي چونڊيو ويو، 2013 وارين چونڊن ۾ بہ ساڳئي ئي تڪ تان ڪامياب ٿي قومي اسيمبلي پھتو، جڏھن تہ آخري ڀيرو 2018ع ۾ اين اي 202 قمبرشھدادڪوٽ تان ايم اين اي چونڊيو ويو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير کي بيماري سبب ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل ھو جتي علاج دوران ھن 87 ورھين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو .
فرحت اللھ بابر، صدر آصف زرداري تي لکيل پنھنجي ڪتاب ڄاڻايو آھي تہ جنرل اشفاق ڪياني 2008 ۾ آفتاب شعبان ميراڻي کي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني ھئي، پر آصف علي زرداري کيس چيو ھو تہ اھو فيصلو پارٽي ڪندي ۽ بعد ۾ ھو پاڻ صدر بڻجي ويو ھو.
آفتاب شعبان ميراڻي سڄي ڄمار پارٽي کي ڏئي ڇڏي ۽ ساھ جو سڳو ٽٽڻ تائين پارٽي ئي حصو رھيو.
آفتاب شعبان ميراڻي جي لاڏاڻي تي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن ڏک جو اظھار ڪيو آھي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں