آسٽريليا جي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 شھري مارجي ويا آھن، جڏھن تہ ھڪ حملي آور موقعي تي مارجي ويو ۽ ھڪ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو سڊني شھر جي سمنڊ ڪناري پيش آيو، جتي ٻن ھٿياربندن شھرين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا آھن، جڏھن تہ ٻن پوليس اھلڪارن سميت 29ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
آسٽريلوي پوليس واقعي کي دھشتگردي قرار ڏيندي ٻڌايو آھي تہ مارجي ويلن ۾ ھڪ فائرنگ ڪندڙ بہ شامل آھي، جڏھن تہ ٻئي حملي آور کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو يھودين جي تھوار تقريب دوران پيش آيو، فائرنگ بعد پوليس علائقي کي گھيري ۾ آڻي مقامي آبادي کي سمنڊ ڪناري کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
ٻئي پاسي آسٽريلوي وزيراعظم سمنڊ ڪناري تي فائرنگ جي واقعي کي تڪليف ڏيندڙ قرار ڏنو آھي…..