رپورٽ قادر لاشاري
هن ڪيس ۾ سڀ کان پھرين مبينا ڪسٽوڊيل گينگ ريپ جو شڪار ٿيل ناري آسيا کوسو جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا، لمس يونيورسٽي ليب رپورٽ موجب آسيا سان ٻن ماڻهن جا جزا مليا آهن مطلب ٻن ڄڻن آسيا کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي اهي ٻہ ڄڻا ڪير آهن ڪهڙا آهن اها جاچ اڃان نہ ٿي سگهي آهي.
آسيا جي ڊي اين اي موجب آسيا سان ٻن ڄڻن زيادتي ڪئي آهي گرفتار 9 پوليس اهلڪارن جا ڊي اين اي سيمپل جڏھن ميچ ڪيا ويندا تہ سڀ خبر پئجي ويندي.
ايف آءِ اي جاچ آفيسرن جو خيال آهي تہ آسيا 7 تاريخ تي گرفتار ٿي آسيا سان گڏ سندس ڏاڏي ۽ ڀيڻ پڻ گرفتار ٿيون، 14 تاريخ تي ڊسٽرڪٽ چيئرمين طاهر کوسو جي مداخلت ۽ مبينا چار لک رشوت ڏيڻ بعد آسيا سميت سندس ڀيڻ ۽ ڏاڍي کي آزاد ڪيو ويو.
ٽن ڏينهن بعد 17 تاريخ تي سوشل ميڊيا تي اها ڳالھ سامهون آئي تہ آسيا کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي، آسيا 7 ڏينهن پوليس ڪسٽڊي ۾ هئي ۽ 3 ڏينهن ٻاهر هئي، جيڪڏھن پوليس اهلڪارن جي ڊي اين اي ميچ ٿئي ٿي تہ پوءِ ڪسٽوڊيل ريپ جو ڪيس آهي، جيڪڏھن پوليس اهلڪارن جي ڊي اين اي ميچ نہ ٿي ٿئي تہ ان جو مطلب آهي تہ آسيا جيڪو ٽي ڏينهن ٿاڻي کان ٻاهر هئي ان دوران اهو ڪرائيم ٿيو آهي ان صورت ۾ آسيا کوسو ڪيس جي جاچ پوليس حوالي ٿي ويندي ڇو تہ ايف آئي اي جو رول تڏھن شروع ٿئي ٿو جڏھن پوليس ڪسٽڊي ۾ ڪو ڏوھ ٿئي ٿو، پوءِ اهو تشدد هجي، گرفتاري بعد قتل هجي يا ريپ هجي.
آسيا کوسو ڪسٽوڊيل گينگ ريپ ڪيس جي جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي تہ پوليس يا ايف آءِ اي جاچ آفيسر هن وقت تائين جنهن نتيجي تي پهتا آهن ان ۾ گرفتار ٻن پوليس اهلڪارن برڪت جکراڻي ۽ ياسين جکراڻي جو ڪردار شڪي آهي، باقي ستن پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي جيڪب آباد پريشر ۾ گرفتار ڪري ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي، انهن جو ڪو ڏوھ ناهي.
گرفتار ڪهڙا ۽ ڪيترا پوليس اهلڪار زيادتي ۾ ملوث آهن اها خبر هفتي 10 ڏينهن اندر پڌري ٿيندڙ ڊي اين اي رپورٽ مان پئجي ويندي پر اها ڊي اين اي رپورٽ تہ جاري ٿي چڪي آهي تہ آسيا جي ڊي اين اي سيمپل مان ٻن ماڻهن جا جراثيم مليا آهن جيڪي گرفتار ڪهڙن اهلڪارن جي ڊي اين اي سان ملن ٿا يا نہ اهو رپورٽ پڌري ٿيڻ سان ئي پتو پئجي ويندو.
هن ڪيس جو پس منظر جيتوڻيڪ رپورٽ ٿي چڪو آهي پر هتي لکڻ ان ڪري ضروري آهي جو ان پس منظر مان بہ انويسٽيگيشن خيال رکندڙ ماڻهو اندازو ڪري سگهن ٿا.
جيڪب آباد جي علائقي آر ڊي 52 ۾ کوسا ۽ ٽانوري برادري وچ ۾ ان وقت جهيڙو شروع ٿيو جڏھن رستي ويندي آسيا جي ڀيڻ کي مبينا ٽانوري برادري جو نوجوان کڻي ويو، آسيا گهر اچي ٻڌايو تہ ٻاهر گهڻي ڌنڌ آهي مون سڃاتو آهي ٽانوري برادري جو شخص ڀيڻ کي پلال ۾ کڻي ويو آهي جنهن تان معاملو وڃي ڪارو ڪاري تي پهتو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو
جهيڙي ۾ ٽانوري برادري وٽ آيل هڪ مهمان شديد زخمي ٿي پيو، جڏھن تہ کوسا برادري جا ڪجهہ ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا، سڀ کان پھرين کوسا برادري جا ماڻهو فرياد لاءِ پوليس پڪٽ پهتا جن زخمين جي علاج لاءِ پوليس ليٽر ورتو جيئن ئي اسپتال پئي ويا تہ رستي تي خبر پئي تہ ٽانوري برادري جو زخمي ٿيل مهمان فوت ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ هو اسپتال وڃن بدران فرار ٿي ويا، سمورا مرد گهر خالي ڪري ويا، ٽانوري برادري پاران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. پوليس کوسا برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪئي، مرد تہ سمورا فرار ٿي چڪا هئا پوليس آسيا کوسو ان جي هڪ ڀيڻ ۽ ڏاڍي کي گرفتار ڪري وئي، ستن ڏينهن تائين عورتون پوليس پڪٽ آر ڊي 44 تي رکيل هيون، پوئتي پوليس ۽ ٽانوري برادري جي ماڻهن کوسن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا مينهون ۽ ٻئي مال ملڪيت بہ کڻي ويا.
ستن ڏينهن بعد ڊسٽرڪٽ چيئرمين مير طاهر کوسو جي مداخلت تي کوسا برادري جون گرفتار عورتون آسيا سندس ڏاڏي ۽ ڀيڻ مولا بخش کوسو حوالي ڪيون ويون، آزادي جي ٺيڪ ٽن ڏينهن بعد اها ڳالھ منظرعام تي آئي تہ آسيا کوسو کي گرفتاري دوران پوليس ڪسٽڊي ۾ گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو آهي
جيئن ئي هي معاملو ميڊيا تي آيو تہ ملڪي ليول جو اشو ٿي ويو ان دوران ايس ايس پي جيڪب آباد سمورن پوليس اهلڪارن کي جيڪب آباد گهرايو ۽ ٺيڪ ٺاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي. ايس ايس پي جي سخت پڇاڻي تي پوليس اهلڪار برڪت سنجراڻي ايس ايس پي کي ٻڌايو تہ منهنجو نالو ايف آئي آر ۾ نہ ڏنو وڃي اسان ڇهن اهلڪارن آسيا کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي جنهن تي ايس ايس پي گرفتار ڇهن اهلڪارن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي.
جڏھن هي معاملو ڪورٽ ويو تہ عدالت ڪسٽوڊيل ريپ جو ڪيس هئڻ ڪري ڪيس جي انڪوائري ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏي، ايف آئي اي پاران الڳ ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ۽ آسيا جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو ويو جنهن ۾ هن وڌيڪ ٽن پوليس اهلڪارن کي ملوث قرار ڏنو انهن کي بہ گرفتار ڪيو ويو هن وقت ٽوٽل 9 پوليس اهلڪار گرفتار آهن ۽ هن ڪيس جي جاچ ايف آئي اي ڪري رھي آهي.
ٻڌايو وڃي پيو تہ ڌرين وچ ۾ فيصلي لاءِ ڳالهيون پڻ هلن پيون ڇو تہ هن ۾ صرف ٻہ پوليس اهلڪار شڪارپور جا آهن باقي سڀ لوڪل آهن، ٽانوري برادري جو پڻ مهمان قتل ٿيل آهي جنهن جو الزام پڻ کوسا برادري تي آهي ۽ اها ايف آئي آر پڻ کوسا برادري تي آهي ان ڪري اهي پڻ امڪان آهن تہ جلد هن معاملي جو جرڳو ٿيڻ وڃي پيو……..