آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ حڪومت ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد صورتحال معمول تي اچڻ لڳي آھي.
مظفرآباد ۾ راجا پرويز اشرف جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھين جي ڪاميابي ۽ معاھدو ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ڳالھين واري ڪميٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ معاهدي تحت، پرتشدد واقعن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موتن جا ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت داخل ڪيا ويندا، ۽ مارجي ويلن جي خاندانن ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو ويندو.
معاهدي تحت، مظفر آباد ۽ پونڇ ڊويزنن ۾ 30 ڏينهن اندر 2 اضافي ثانوي تعليمي بورڊ ٺاهيا ويندا، جڏهن ته موجودہ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي ان جي اصل شڪل آندو ويندو ۽ عدالت جي فيصلي مطابق 90 ڏينهن اندر ترميم ڪئي ويندي.
آزاد ڪشمير حڪومت 15 ڏينهن اندر صحت ڪارڊن لاءِ فنڊ به جاري ڪندي. پاڪستاني حڪومت بجلي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 10 ارب رپيا فراهم ڪندي.
آزاد ڪشمير ڪابينا ۾ وزيرن ۽ صلاحڪارن جو انگ گھٽائي 20 ڪيو ويندو، سول ڊفينس کاتن کي ايس ڊي ايم اي ۾ ضم ڪيو ويندو، احتساب بيورو ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي ضم ڪيو ويندو ۽ آزاد ڪشمير جو احتساب ايڪٽ پاڪستان حڪومت جي نيب قانونن جي مطابق ٺاهيو ويندو.
معاهدي موجب، پاڪستان حڪومت آزاد ڪشمير ۾ ٻن سرنگھن لاءِ فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪندي. پي سي-1 مطابق سعودي ترقياتي فنڊ ۾ منصوبي کي اوليت ڏني ويندي.