آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جي پوزيشن ۾ آھيون: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو آھي تہ پي ٽي آءِ ۽ اسٽبلشمنٽ جي ڪري آزاد ڪشمير ۾ گذريل اليڪشن ۾ اسان جي ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو پر اڄ ھتي حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ آھيون.

پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اڄ آزاد ڪشمير جو پارلياماني اجلاس ھو، پ پ ۽ ڪشمير جي تاريخ سامھون آھي، پ پ جو بنياد ڪشمير مسئلي جي ڪري رکيو ويو.

هن چيو تہ اسين هر هنڌ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو آهي، پ پ گذريل اليڪشن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو، ان وقت پي ٽي آءِ باني جي حڪومت هئي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار سڀني جي سامهون هو، ان حالتن باوجود بہ پيپلزپارٽي جي اميدوارن سخت حالتن جو مقابلو ڪيو، پر آزاد ڪشمير جي گذريل اليڪشن ۾ سندن ڪاميابي کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو ۔

هن چيو تہ غير سياسي سوچ ۽ سازشن جي نتيجي ۾ ڪشمير ۾ سياسي خال پيدا ڪيو ويو، جنهن سان عوام کي نقصان پهتو، پر پيپلز پارٽي پوءِ بہ پوئتي نه هٽي ۽ اسمبلي ۾پيپلز پارٽي نمائندگي ڪندي رھي ۽ اڄ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جي پوزيشن ۾ آھي.

پي پي پي چيئرمين چيو تہ ھو ڪشميرين سان واعدو ڪري ٿو تہ کين مايوس نہ ڪندو، ڪشميرين جا جيڪا بہ مسئلا آهن، انھن جو سياسي حل ڪڍيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں